نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 4 جنوري تي چين جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 31 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پوليٽيڪل بيورو جي ميمبر وانگ يي جي دعوت تي 4 جنوري تي بيجنگ ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪستان – چين پرڏيهي وزيرن واري اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي ستين دور جي گڏيل صدارت جي لاءِ چين جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي …

اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پوليٽيڪل بيورو جي ميمبر وانگ يي جي دعوت تي 4 جنوري تي بيجنگ ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪستان – چين پرڏيهي وزيرن واري اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي ستين دور جي گڏيل صدارت جي لاءِ چين جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزيرن وارو اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اعليٰ ترين مشاورتي فورم آهي جيڪو ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن جو جامع جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ منظم پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. ان ڳالهه ٻولهه جي دوران ٻئي پرڏيهي وزير 2026ع ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي مختلف قدمن ۽ يادگاري سرگرمين جو پڻ اعلان ڪندا. بيان موجب اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ باقاعده اعليٰ سطحي رابطي جو هڪ اهم حصو آهي ۽ آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو جڏهن ته علائقائي امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ گڏيل وابستگي جو ورجاءُ پڻ ڪري ٿو.

مزید خبریں