اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي پوليس ملازمن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ وڏو اعلان ڪندي تربيت هيٺ اي ايس پيز کي آسان قسطن تي پلاٽ ۽ ڪانسٽيبلز جي ٻارن جا تعليمي خرچ نيشنل پوليس فائونڊيشن طرفان برداشت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو اعلان گهرو وفاقي وزير گذريل ڏينهن نيشنل پوليس فائونڊيشن (اين پي ايف) جي دؤري دوران اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي پوليس ملازمن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ وڏو اعلان ڪندي تربيت هيٺ اي ايس پيز کي آسان قسطن تي پلاٽ ۽ ڪانسٽيبلز جي ٻارن جا تعليمي خرچ نيشنل پوليس فائونڊيشن طرفان برداشت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو اعلان گهرو وفاقي وزير گذريل ڏينهن نيشنل پوليس فائونڊيشن (اين پي ايف) جي دؤري دوران اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اين پي ايف جي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر علي ناصر رضوي اداري جي ڪارڪردگي ۽ فلاحي منصوبن تي بريفنگ ڏني. گهرو وزير پوليس فورس جي سگهه وڌائن ۽ ويلفيئر لاءِ اهم فيصلا ڪيا. اعلان موجب نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ تربيت هيٺ اي ايس پيز کي هر سال آسان ۽ گهٽ قسطن تي پلاٽ فراهم ڪيا ويندا. پوليس اهلڪارن جي ڪٽنب جي ڀلائيءَ جي حوالي سان گهرو وزير اعلان ڪيو ته 15 ڪانسٽيبلز جا اهي ٻار يا نياڻيون جيڪي پاڪستان جي بهترين يونيورسٽين ۾ ميرٽ تي داخلا حاصل ڪندا، انهن جا سمورا تعليمي خرچ نيشنل پوليس فائونڊيشن برداشت ڪندي. پيشيوراڻي تربيت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گهرو وزير فيصلو ڪيو ته سڄي پاڪستان مان هر سال 10 انسپيڪٽرز، سب انسپيڪٽرز ۽ اي ايس آئيز کي اسڪالرشپ تي پوليسنگ بابت ڪورسز لاءِ پرڏيهه اُماڻيو ويندو. اهڙيءَ طرح جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ لاءِ هر سال 5 ايس پي/ايس ايس پي رينڪ جي آفيسرن کي مصنوعي ذهانت ۾ ڊگريءَ لاءِ اسڪالرشپ تي پرڏيهه اُماڻيو ويندو. اجلاس دوران گهرو وزير نيشنل پوليس فائونڊيشن کي خساري مان ڪڍي سرپلس (منافعي بخش) بنائڻ تي ايم ڊي ۽ سندس پوري ٽيم جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو. هن هدايت ڪئي ته اين پي ايف جي وسيلن ۾ وڌيڪ اضافي لاءِ هڪ جامع پلان تيار ڪري پيش ڪيو وڃي. محسن نقوي جو چوڻ هو ته نيشنل پوليس فائونڊيشن کي پوليس ملازمن جي ڀلائي لاءِ انتهائي فعال ۽ محترڪ ادارو بنائڻ اسان جو مشن آهي. اجلاس ۾ اين پي ايف جي ڊائريڪٽرز، ڊپٽي ڊائريڪٽرز ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.










