ٽي ٽي ايس اسڪيل تحت ڀرتي ٿيندڙ استادن جي پگهارن کي مارڪيٽ موجب چٽاڀيٽي وارو بڻايو ويندو: پروفيسر احسن اقبال

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ تعليمي ادارن ۾ ڀرتين لاءِ پي اسڪيل نظام جي جائزي لاءِ قائم ٽاسڪ فورس جو ستون اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ٽي ٽي ايس اسڪيل تحت ڀرتي ٿيندڙ استادن جي پگهارن کي مارڪيٽ موجب چٽاڀيٽي وارو بڻايو ويندو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي …

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ تعليمي ادارن ۾ ڀرتين لاءِ پي اسڪيل نظام جي جائزي لاءِ قائم ٽاسڪ فورس جو ستون اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ٽي ٽي ايس اسڪيل تحت ڀرتي ٿيندڙ استادن جي پگهارن کي مارڪيٽ موجب چٽاڀيٽي وارو بڻايو ويندو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومتن ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي وڏا فنڊز مهيا ڪيا ويا آهن. صوبائي حڪومتن کي به هائر ايجوڪيشن جي شعبي ۾ وڌيڪ ذميداري کڻڻي پوندي. احسن اقبال هدايت ڪئي ته قابل ۽ باصلاحيت استادن کي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي مراعتون ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. هن چيو ته باصلاحيت استادن جي تعليمي ادارن ۾ خدمتن کي برقرار رکڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين جو معيار استادن جي معيار سان جُڙيل آهي، اعليٰ تعليمي ادارا ملڪ جي معاشي مسئلن جي حل ۾ ڪردار ادا ڪن. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پروموشن جي نظام کي مڪمل طور تي چٽاڀيٽيءَ واري بنياد تي ترتيب ڏنو پيو وڃي. هن زور ڀريو ته اعليٰ تعليم ۾ داخلا جي شرح 13 سيڪڙو کان گهٽ آهي ان ۾ ٽيڻ تي اضافي ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته يو ايس پاڪستان ۽ يو ڪي ناليج ڪوريڊور جو قيام انساني وسيلن جي معيار ۾ بهتري لاءِ ڪيو ويو، چين سميت عالمي ڀائيوارن سان گڏجي اعليٰ سطح جي افرادي سگهه جي تياريءَ جو بندوبست ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته تعليم جو شعبو هاڻ سافٽ پاور جو اهم عنصر بڻجي چڪو آهي. پرڏيهي ملڪن مان شاگرد پاڪستان راغب ڪيا وڃن. احسن اقبال چيو ته 2026ع کان يونيورسٽين جي ڪارڪردگي جي آڊٽ ۽ درجابندي جي شروعات ڪئي وڃي.

مزید خبریں