سامونڊي علائقن ۾ نئين گهري پاڻيءَ جي بندرگاهن جي ترقيءَ ۾ معاشي اؤسر ۽ مضبوط ماحولياتي تحفظ وچ توازن اڻٽر آهي: وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي سامونڊي علائقن ۾ نئين گهري پاڻيءَ جي بندرگاهن جي ترقيءَ ۾ معاشي اؤسر ۽ مضبوط ماحولياتي تحفظ وچ توازن اڻٽر آهي. نئين بندرگاهن جي تعمير بابت گذريل ڏينهن اعليٰ سطحي، گهڻ ادارن واري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير چيو ته صنعتي سرگرمين ۾ واڌ، علائقائي واپار ٽرانزٽ …

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي سامونڊي علائقن ۾ نئين گهري پاڻيءَ جي بندرگاهن جي ترقيءَ ۾ معاشي اؤسر ۽ مضبوط ماحولياتي تحفظ وچ توازن اڻٽر آهي. نئين بندرگاهن جي تعمير بابت گذريل ڏينهن اعليٰ سطحي، گهڻ ادارن واري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير چيو ته صنعتي سرگرمين ۾ واڌ، علائقائي واپار ٽرانزٽ ۽ وڌندڙ شپنگ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ نيون بندرگاهون وقت جي اهم ضرورت آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وڏين بندرگاهن سان گڏوگڏ ننڍي بزنس ماڊل تي ٻَڌل بندرگاهن جي ترقي به ضروري آهي ته جيئن موجوده بندرگاهن تي بار گهٽ ڪري سگهجي. جنيد انوار چوڌري سمورن لاڳاپيل ادارن تي زور ڀريو ته هو قومي مفاد ۾ آئينده هڪ صدي جي بحري توسيع ۽ معاشي تبديليءَ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪن. اجلاس ۾ وزارت جي ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر جواد اختر سميت لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڪميٽي وفاقي وزير کي پنهنجي ڪارڪردگي، مطالعاتي عمل ۽ طريقيڪار تي بريفنگ ڏني. شرڪت ڪندڙن ٽن تجويز ڪيل بندرگاهن (پورٽ 1، پورٽ 2 ۽ پورٽ 3) لاءِ فني فزيبلٽي تي ٻَڌل جائزه فريم ورڪ پيش ڪيو، جنهن ۾ قدرتي گهرائي، سامونڊي پهچ ۽ سامونڊي حالتن جو تجزيو شامل هو ته جيئن هر مقام جي عملي افاديت ۽ ڊُگهي مُدي واري پائيداري جو تعين ڪري سگهجي. فريم ورڪ ۾ زمين جي دستيابي، مستقبل ۾ توسيع جي گنجائش ۽ ماحولياتي حساسيت کي به شامل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مينگروز، محفوظ علائقن جي موجودگي ۽ مقامي آبادگارن ۽ روزگار تي امڪاني اثرن جهڙن عملن کي خاص اهميت ڏني وئي ته جيئن ماحول دوست ترقيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي. ان کان علاوه روڊ، ريل ۽ لاجسٽڪس نيٽ ورڪ ذريعي ملڪ اندر رابطا ڪاري، هر بندرگاهه جي مجموعي معاشي ۽ اسٽريٽجڪ اهميت، واپار ۾ سهولت، علائقائي ترقي ۽ متبادل انتظامن جو به جائزو ورتو ويو، جڏهن ته ماحولياتي، فني، سيڪيورٽي ۽ ضابطا جاتي خطرن ۽ رڪاوٽن جي نشاندهي ڪئي وئي. ڪميٽيءَ وفاقي وزير کي ٻڌايو ته 100 سالن جي ويزن 2047ع-2147ع تحت انهن منصوبن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون، جنهن تحت سامونڊي علائقي ۾ اسٽريٽجڪ ماڳن تي 3 کان 4 نيون گهريون پاڻيءَ جون بندرگاهون قائم ڪيون وينديون جن ۾ جديد ڪارگو هينڊلنگ سهولتون، گرين انرجي جو استعمال ۽ ڊجيٽل پورٽ مئنجمينٽ سسٽمز شامل هوندا. ڪميٽي جامع فزيبلٽي رپورٽ تي به ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ فني نتيجا، هائيڊرو گرافڪ نقشا، سيٽلائيٽ ڊيٽا ۽ سيڙپڪاري بابت سفارشون شامل هونديون، جيڪي جلد سامونڊي معاملن واري وزارت کي پيش ڪيون وينديون. واضح رهي ته پاڪستان جي سامونڊي پٽي سنڌ جي سر ڪريڪ کان بلوچستان جي جيواني تائين هڪ هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته ملڪ جو خاص معاشي زون 2 لک 40 هزار چورس ڪلوميٽر ۽ براعظمي شيلف اٽڪل 50 هزار چورس ڪلوميٽر تي ڦهليل آهي. ماهرن موجب 2030ع کان 2035ع جي وچ ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي هڪ ٽريلين ڊالرن تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سامونڊي واپار ۽ لاڳاپيل صنعتن ۾ نمايان واڌ ٿيندي. اندازي موجب ڪراچي پورٽ، پورٽ قاسم ۽ گوادر پورٽ 2035ع کان 2045ع وچ ۾ پنهنجي مڪمل سگهه تائين پهچي ويندي.

مزید خبریں