توانائي وزارت ۽ پاور ڊويزن هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي وزارت ۽ پاور ڊويزن هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. حڪومت جي اچڻ کان اڄ تائين گهريلو صارفين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 8.35 رپيا ۽ صنعتي صارفين لاءِ 16.68 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي. توانائي وزارت ۽ پاور ڊويزن طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم …

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي وزارت ۽ پاور ڊويزن هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. حڪومت جي اچڻ کان اڄ تائين گهريلو صارفين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 8.35 رپيا ۽ صنعتي صارفين لاءِ 16.68 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي. توانائي وزارت ۽ پاور ڊويزن طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڀرپور حمايت ۽ توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري جي رهنمائيءَ ۾ وزارت سال 2025ع ۾ اهي فيصلا ڪيا جيڪي سالن تائين ٽاريا ويا. حڪومت جي اچڻ کان اڄ تائين گهريلو صارفين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 8.35 رپيا ۽ صنعتي صارفين لاءِ 16.68 رپيا في يونٽ گهٽتائي ٿي چڪي آهي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بجلي جا بل معاف ۽ بلن جي ادائگيءَ ۾ رعايت ڏني وئي، ناڪاري ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جو رليف آبادگارن جي ٽيوب ويل ۽ 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي مليو. روشن معيشت پيڪيج، 3 سالن جي صنعتي ۽ زرعي صارفين لاءِ 3 سال واڌو بجلي استعمال ڪرڻ تي 22.98 رپيا في يونٽ بجلي جي فراهمي، آءِ پي پيز سان ڏُکيون پر ڪامياب ڳالهيون، صارفين ۽ قومي خزاني تي 3400 ارب رپين جو بار ختم ڪيو ويو. ناڪارا پاور پلانٽس جي بندش مان پگهارن جي مد ۾ 7 ارب رپين جو بار بجلي صارفين جي مٿي تان لاٿو ويو. بجلي جي وڌيڪ پيداوار کي ڏسندي 9500 ميگاواٽ جا آئينده بجلي منصوبا ختم ڪري عوام کي بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو في يونٽ جي امڪاني واڌ کان بچايو ويو. ريڪيوري ۾ بهتري ڪندي 3 بجلي ڪمپنين جي نجڪاري جي شروعات ۽ پي ٽي وي فيس ختم ڪئي وئي، وڌيڪ قرض لاءِ بنا گردشي قرضن ۾ 780 ارب رپين جي رڪارڊ گهٽتائي آندي وئي. اليڪٽرڪ وهيڪلز جي چارجنگ ٽيرف ۾ 44 سيڪڙو گهٽتائي، گدلاڻ کان پاڪ مستقبل طرف هڪ قدم بڻيو، پنهنجو ميٽر، پنهنجي ريڊنگ ايپ سان ميٽر ريڊنگ جو اختيار عام ماڻهوءَ جي هٿن ۾ ڏنو ويو، جڏهن ته جديد 118 هيلپ لائن جي شروعات سان سفارش ڪلچر جو خاتمو ۽ سڀني سان هڪجهڙو ورتاءُ ممڪن ٿيو. سمارٽ ميٽرز جي خريداري چٽاڀيٽي ۽ شفاف واڪ عيوض قيمتن ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي آئي ۽ ان سان خريداريءَ ۾ ساليانو 100 ارب رپين کان وڌيڪ جو فائدو ٿيو. توانائي واري وزير طرفان نيپرا ۾ وقت سر نظرثاني جي ڪوششن سان ملڪ جي ٽيڪس ادا ڪندڙ صارفين کي 100 ارب رپين جي واڌو بار کان رليف مليو. گوادر ۾ عوام ۽ صنعتي ضرورتن لاءِ هڪ اعتماد جوڳي ۽ ڀرپور بجلي نظام جي پلاننگ ۽ عملدرآمد، حڪومت بجلي جي خريد ۽ وڪري جي معاملن کان ڌار نجي شعبي تحت نئين آزاد ۽ چٽاڀيٽي نظام، وزارت ۾ ماهر ۽ نوجوان پروفيشنلز جي ميرٽ تي مقرري، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ جو گرين انرجي منصوبو شامل آهي، اڄ پاڪستان خطي ۾ گرين اندرجي جو ليڊر آهي جتي 55 سيڪڙو بجلي ماحول دوست ذريعن مان پيدا ڪئي پئي وڃي ۽ 2034ع تائين گرين انرجي جو حصو 90 سيڪڙو هوندو. اها بي مثال ڪارڪردگي جيڪا قوم جي نئين اميد بڻي، انشاءَ الله آئينده به عوام ۽ صنعتي صارفين کي عالمي قيمت ۽ معيار تي بجلي جي فراهمي جاري رهندي ۽ 2026ع ۾ به بي مثال ڪارڪردگيءَ جو سفر جاري رهندو.

مزید خبریں