اسلام آباد - 31 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان يمن ۾ تشدد جي ٻيهر شدت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ يمن ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ جي لاءِ علائقائي ڪوششن جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان يمن جي وحدت ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو، جڏهن ته ملڪ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام …
پاڪستان پاران يمن ۾ تشدد جي ٻيهر شدت تي ڳڻتي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان يمن ۾ تشدد جي ٻيهر شدت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ يمن ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ جي لاءِ علائقائي ڪوششن جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان يمن جي وحدت ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو، جڏهن ته ملڪ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ سمورين ڪوششن جي تائيد ڪري ٿو. ان ڏس ۾ پاڪستان ڪنهن به يمني ڌر پاران اهڙي هڪطرفي قدمن جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو جيڪي صورتحال کي وڌيڪ بگاڙڻ، امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ ۽ يمن سان گڏوگڏ خطي جي امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ وجهڻ جو سبب بڻجن. بيان موجب پاڪستان صورتحال ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ يمن ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ جي لاءِ علائقائي ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ ملڪ جي سلامتي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. پاڪستان يمن جي مسئلي جي حل لاءِ مڪالمي ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل جي پنهنجي مضبوط حمايت ۽ ان اميد جو اظهار ڪري ٿو ته يمن جي عوام ۽ علائقائي طاقتون گڏجي جامع ۽ پائيدار حل طرف اڳڀرائي ڪنديون ته جيئن خطي جي استحڪام کي محفوظ بڻائي سگهجي.










