اسلام آباد - 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي بهتري جي لاءِ سڌارن کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته مشڪل فيصلن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، ٻن سالن دوران پاڪستان بهترين معاشي ترقي ڪئي آهي، پختي عزم سان چئلينجز جو مقابلو ڪيو ۽ ملڪ کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪري ڇڏيو، انهي رفتار سان اڳتي وڌندا رهياسين ته ڪاميابي اسان جو مقدر آهي. هن …
وزيراعظم پاران معاشي بهتري جي لاءِ سڌارا لازمي قرار، مشڪل فيصلن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي بهتري جي لاءِ سڌارن کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته مشڪل فيصلن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، ٻن سالن دوران پاڪستان بهترين معاشي ترقي ڪئي آهي، پختي عزم سان چئلينجز جو مقابلو ڪيو ۽ ملڪ کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪري ڇڏيو، انهي رفتار سان اڳتي وڌندا رهياسين ته ڪاميابي اسان جو مقدر آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اقتصادي گورننس سڌارن جي رونمائي واري تقريب کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي وارووفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سميت وفاقي وزير، حڪومت جي معاشي ٽيم جا ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم حڪومت جي معاشي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي چيو ته جڏهن اقتدار سنڀاليو ته اسان کي شديد چئلينجز جو شڪار معيشت ورثي ۾ ملي، چئلينجز جي باوجود اسان ملڪ کي ٻيهر صحيح رخ تي آڻي ڇڏيو آهي، اسان جي آڏو وڏا چئلينجز هئا جن کي منهن ڏيڻ آسان نه هو، معاشي طور تي اسان مشڪلاتن ۾ گهيريل هئاسين ۽ ناڻي واڌ اٽڪل 30 سيڪڙو تائين پهچي چڪي هئي ۽ پرڏيهي جا ذخيرا تيزي سان گهٽ ٿي رهيا هئا پر اسان مشڪل ڪم ۾ هٿ وڌو، مسلم ليگ (ن) جي لاءِ اها صورتحال پهريون ڀيرو نه هئي. ان کان اڳ 1997ع ۾ اسان معاشي پابندين ۽ عالمي اڪيلائپ جو مقابلو ڪيو، 2013ع ۾ به توانائي بحران ۽ دهشتگردي جو چئلينج درپيش هو، اسان ان کي به بهتر طريقي سان منهن ڏنو، 2024ع ۾ اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ به ڪيترائي مشڪل ۽ تيزي سان فيصلا ڪيا ڇو ته پاڪستان کي اقتصادي بحران مان ڪڍڻو هو. مشڪل فيصلن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 3.3 ارب ڊالر مان تبديل ٿي 1.9 ارب ڊالر جي سرپلس ۾ بدلجي چڪو آهي، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جو تناسب اٽڪل 8 سيڪڙو مان وڌي 10 سيڪڙو کان وڌي ويو آهي، گذريل 2 سالن ۾ پاڪستان بهترين معاشي ترقي ڪئي آهي. وزيراعظم حڪومت جي اهم ڪاميابين کي اجاگر ڪندي ٻڌايو ته ناڻي واڌ 29.2 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 4.5 سيڪڙو تائين اچي چڪي آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 9.2 ارب ڊالر مان وڌي 21.2 ارب ڊالر کان وڌي چڪا آهن، 10 لک کان وڌيڪ نوان ٽيڪس ڏيندڙ نظام ۾ شامل ٿيا آهن، حڪومتي نظام کي وسيع پئماني تي ڊيجيٽل تي منتقل ڪيو. وزيراعظم چيو ته چئلينجز جي باوجود اسان ملڪ کي ٻيهر صحيح رخ تي آڻي رهيا آهيون، عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪاميابين جو اعتراف ڪيو پيو وڃي، عالمي ڪريٽ ريٽنگ ايجنسين حڪومت جي معاشي بهتري ۽ سڌارن کي ساراهيو آهي. هن چيو ته معاشي سڌارا آسان ڪم نه هو، پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش ملڪ بڻجي چڪو آهي، اقتصادي سڌارا پاڪستان جي بهتر مستقبل جو پتو ڏئي رهيا آهن، اسان ڪاغذي نه، عملي قدم کڻي رهيا آهيون. هن معاشي بهتري جي لاءِ سڌارن کي لازمي قرار ڏيندي چيو ته الحمدالله سڌارن جو سفر صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، انشاءَ الله اسان پنهنجا هدف مڪمل ڪنداسين. هن پي آءِ اي جي نجڪاري کي وڏو قدم قرار ڏيندي چيو ته ان جي نجڪاري وڏي عرصي کان التوا جو شڪار هئي. وزيراعظم چيو ته پوڻي ٻن سالن ۾ اهي سڌارا ڪو آسان ڪم نه هو، ڏهاڪن کان اهي سڌارا دير جو شڪار رهيا ۽ انهن کي عملي جامعو نه پارايو ويو، دير وارا حربا استعمال ٿيندا رهيا. وزيراعظم اسٽرڪچرل سُڌارن کي حڪومت جي اهم ايجنڊا قرار ڏيندي چيو ته اها اسان جي پنهنجي ضرورت آهي، ان کانسواءِ پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن نه ٿو ٿي سگهي، عالمي ادارن جي مشاورت سان اسان جيڪي سڌارا ڪيا آهن اهي اسان جي پنهنجي مفاد ۾ آهن، اسان پنهنجي عوام کي جوابده آهيون، عوام اسان کي جيڪا ذميواري ڏني آهي ان کي بهتر طريقي سان ادا ڪنداسين. هن چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن پهريون ڀيرو عمل ۾ آئي آهي، مالي نظم ۽ ضبط بحال ۽ سرڪاري مالياتي نظام کي مضبوط بڻايو ويو آهي، پاڪستان کي ڪاروبار جي لاءِ وڌيڪ آسان ملڪ بڻائڻ تي ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن رڳو سڌاراجاتي پروگرام جي شروعات جو نه آهي پر غور فڪر ۽ عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي. وزيراعظم اقتصادي سڌارن جي سلسلي ۾ ڪم ڪندڙ حڪومتي ٽيم ۽ ڪابينا جي ميمبرن کي ساراهيندي چيو ته اهو ڊگهو ۽ سخت سفر آهي، اڃا وڌيڪ چئلينجز درپيش آهن، اڻٿڪ عزم سان اڳتي وڌندا رهياسين ۽ سخت محنت سان ڪم ڪيو ته ڪاميابي اسان جو مقدر آهي. ان کان اڳ وزيراعظم آفيس ۾ منعقد تقريب ۾ وزيراعظم جي اقتصادي گورننس سڌارن جي باضابطا شروعات ڪئي وئي جيڪا اقتصادي فريم ورڪ طرف فيصلائتي اڳڀرائي جي علامت آهي. ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سڌارن جي ايجنڊا تي جامع بريفنگ ڏني. پاڪستان جي معاشي بحالي جو جائزو پيش ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير ڪلي معيشت جي مضبوط استحڪام ۽ اهم معاشي انگن اکرن ۾ بهتري تي تفصيل سان روشني وڌي. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته گذريل مالي سال (25 – 2024ع) ۾ ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار جي واڌويجهه جي شرح 3.1 سيڪڙو رهي جيڪا مالي سال 2026ع جي پهرين ٽماهي ۾ وڌيڪ وڌي 3.71 سيڪڙو تائين پهچي وئي، مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، مالي سال 2025ع ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي 4.5 سيڪڙو رهي، مالي سال 2026ع جي شروعاتي 5 مهينن دوران موسمياتي عملن جي باوجود ناڻي واڌ جي شرح 5 سيڪڙو جي سطح تي رهي. ناڻي واري وزير چيو ته مالي نظم ۽ ضبط جو مظاهرو مالي سال 2026ع جي پهرين ٽماهي ۾ مالياتي فاضل (فسڪل سرپلس) حاصل ڪرڻ سان ٿيو، جيڪو مالي سال 2025ع جي پهرين ٽماهي کانپوءِ ٻيو ڀيرو ٿيو آهي، پرائمري سرپلس جي ڊي پي 2.7 سيڪڙو تائين پهچي ويو. ناڻي واري وزير چيو ته اوڳاڙين جي شعبي ۾ ڍانچاجاتي سڌارن جي نتيجي ۾ بهتري جو ثبوت ايف بي آر جي جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن ۾ اضافي سان مليو آهي جيڪو مالي سال 2025ع ۾ وڌي 10.2 سيڪڙو ٿي ويو جيڪا گذريل 25 سالن ۾ بلند ترين سطح آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مالي سال 2023ع ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان سرڪاري قرضن جو ڪاٿو مالي سال 2025ع ۾ 75 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 70 سيڪڙو رهجي ويو. قرضن جي وقت سر ادائيگي سان 3.5 ٽريلين رپين جي بچت ٿي، پاليسي ريٽ جون 2024ع جي 22 سيڪڙو جي سطح کان گهٽ ٿي 10.5 سيڪڙو جي سطح تي اچي وئي آهي. ناڻي واري وزير ٻاهرئين ۽ مالياتي شعبي جي انگن اکرن ۾ نمايان بهتري تي پڻ روشني وڌي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 15.9 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن جيڪا گذريل چئن سالن جي بلند ترين سطح آهي جڏهن ته درآمدي ضرورتن جي لاءِ پرڏيهي ناڻي جي ڪوريج وڌي 2.6 مهينا ٿي وئي، مالي سال 2026ع جي شروعاتي 5 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 812 ملين آمريڪي ڊالر رهيو جيڪو مقرر هدف جي اندر رهيو. ناڻي واري وزير چيو ته مالي سال 2025ع ۾ مٽاسٽا جو ناڻو وڌي 38 ارب آمريڪي ڊالر ٿي ويو، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس جي ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين پاران موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي جو ڪاٿو 11.5 ارب آمريڪي ڊالر تائين پهچي ويو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مستحڪم پرڏيهي ناڻي جي شرح، نجي شعبي جي قرضن ۾ توسيع ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي شاندار ڪارڪردگي جيڪا 2025ع دوران آمريڪي ڊالر جي بنياد تي 52 سيڪڙو تائين وڌي، سان سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي جي عڪاسي ٿي رهي آهي، نئين سيڙپڪارن جي رڪارڊ رجسٽريشن، آءِ پي اوز ۾ نمايان اضافي ۽ ڪمپنين جي اٽڪل مڪمل ڊيجيٽل رجسٽريشن سان مارڪيٽ جي گهرائي ۽ دستاويزي معيشت جي فروغ جي عڪاسي ٿي رهي آهي. سڌارن جي ڍانچي جي وضاحت ڪندي ناڻي واري وزير ٻڌايو ته ٽيڪسيشن، توانائي، نجڪاري، سرڪاري ملڪيتي ادارن، ڊيجيٽل گورننس، ٽيرف جي معقوليت، پينشن سڌارن، وفاقي حڪومت جي ڪاٿي ۾ گهٽتائي (رائيٽ سائيزنگ) ۽ قرضن جي انتظام سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ اهم ڍانچاجاتي سڌارن تي عملدرآمد جاري آهي. هن موڊيز، فچ، ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز، عالمي مالياتي فنڊ، عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سميت عالمي حصيدارن پاران مثبت توثيق سان گڏوگڏ ملڪ جي اندر ڪاروباري ۽ صارفين جي وڌندڙ اعتماد جو پڻ حوالو ڏنو. ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم جو ويزن اداراجاتي سڌارن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي مرڪوز آهي جن ۾ مارڪيٽ گورننس جي بهتري، ريگيوليٽري ۽ ٽيڪس پاليسي جي اڳڪٿي جي قابل استحڪام ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ، عوامي ماليات ۽ سيڙپڪاري جي نظم ۽ ضبط کي مستحڪم ڪرڻ ۽ معاهدن جي موثر لاڳو کي بهتر بڻائڻ شامل آهي. ان ويزن جو مرڪزي نقطو حڪومت جي سمورن ادارن تي ٻڌل نتيجن تي ٻڌل سڌاراجاتي منصوبو آهي جيڪو 6 کان 36 مهينن جي عرصي تي ٻڌل آهي جنهن جو مقصد ترقي ۽ واڌويجهه جي رفتار کي برقرار رکڻ آهي. ترجيحي قدمن ۾ اوڳاڙين ۽ خريداري جي نظام ۾ آٽوميشن ۽ ڊيجيٽائيزيشن، ضابطاجاتي نگراني جي ذريعي اداراجاتي هم آهنگي، ترقي تي ٻڌل عوامي سيڙپڪاري، اي پي اي ڊي ايس (اي پيڊز) جي ذريعي شفاف خريداري، قدر تي ٻڌل ٽيڪس پاليسي، آسان ڪاروبار ايڪٽ 2025ع تحت ريگيوليٽري جديدڪاري ۽ خصوصي عدالتن ۽ ٽربيونلز جي ڊيجيٽائيزيشن جي ذريعي تڪرارن جو تيز تر حل شامل آهي. پريزنٽيشن جي پڄاڻي تي ناڻي واري وفاقي وزير سڌارن جي لاڳو جي اڳئين مرحلي جو خاڪو پيش ڪيو جيڪو ٽن بنيادي شعبن تي ٻڌل هوندو، نگراني سينيئر ڪابينا ڪندي، ناڻي واري وزارت سيڪريٽريٽ جي طور تي ڪم ڪندي ۽ ترقياتي حصيدار خصوصي ٽيڪنيڪي يونٽ جي معاونت فراهم ڪندا ته جيئن پاليسي تي مسلسل مڪالمي ۽ سڌارن جو تسلسل يقيني بڻائي سگهجي.










