قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جو ڪڻڪ جي پوکائي، ذخيرو ۽ عارضي قومي ڪڻڪ پاليسي لاڳو ڪرڻ واري صورتحال جو جائزو

اسلام آباد -31 ڊسمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين قومي ڪڻڪ نگران ڪميٽي جي ٻين اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ربيع 26-2025ع لاءِ ڪڻڪ جي پوکائي جي اڳڀرائي، موجوده ڪڻڪ جي ذخيرن جي صورتحال ۽ عارضي قومي ڪڻڪ پاليسي (آءِ اين ڊبليو پي) تحت عملدرآمد جي طريقيڪار جو جائزو ورتو ويو. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي پڌرائي …

اسلام آباد -31 ڊسمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين قومي ڪڻڪ نگران ڪميٽي جي ٻين اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ربيع 26-2025ع لاءِ ڪڻڪ جي پوکائي جي اڳڀرائي، موجوده ڪڻڪ جي ذخيرن جي صورتحال ۽ عارضي قومي ڪڻڪ پاليسي (آءِ اين ڊبليو پي) تحت عملدرآمد جي طريقيڪار جو جائزو ورتو ويو. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي پڌرائي موجب اجلاس دوران سمورن صوبن کي هدايت ڪئي وئي ته هو عارضي قومي ڪڻڪ پاليسي جي اثرائتي ۽ مربوط لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ صوبائي سطح تي عملدرآمد يونٽس قائم ڪن. ڪميٽي صوبي وار ڪڻڪ جي پاليسي جي اڳڀرائي جو جائزو به ورتو. پنجاب ۾ ڪڻڪ جي پوکائي وقت سر مڪمل ڪئي وئي آهي، جتي 90 سيڪڙو پوکائي شروعاتي مرحلي ۾ مڪمل ٿي آهي. صوبي ۾ تصديق ٿيل ڪڻڪ جي ٻج جي استعمال ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، جڏهن ته يوريا ڀاڻ جي استعمال ۾ به اضافو ٿيو آهي، جنهن جو بنيادي سبب بهتر دستيابي ۽ گهٽ قيمتون آهي. ان عمل جي نتيجي ۾ وڌيڪ پيداوار ۽ بهتر ڪڻڪ جي فصل جي اميد ڪئي پئي وڃي، جيڪو معياري ٻج ۽ ڀاڻن تائين پهچ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ وفاقي وزارت جي مددگار ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿو. سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوکائي جي اڳڀرائي تسلي بخش رهي ۽ صوبو پنهنجي پوکائي واري هدف کان اڳتي وڌيو آهي. بلوچستان ۾ برساتن جي گهٽ پوڻ سبب هن وقت ڪڻڪ جي پوکائي نسبتاً گهٽ رهي جڏهن ته امڪاني برساتن کان پوءِ ان گهٽتائي جو پوراءُ ٿيڻ جي اميد آهي. خيبر پختونخوا ۾ ڪڻڪ جي پوکائي جو وڏو حصو مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته برفباري وارن علائقن ۾ پوکائي دير جو شڪار آهي. مجموعي طور سمورن صوبن ۾ ڪڻڪ جي پوکائي جا هدف حاصل ڪرڻ جي اميد آهي. ڪميٽي کي موجوده ڪڻڪ جي ذخيرن جي صورتحال کان به آگاهه ڪيو ويو.

مزید خبریں