اسلام آباد -31 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي، ته اهم معاشي اهڃاڻن مان پاڪستان جي معيشت کي سنڀالڻ ۽ مضبوط بنيادن سان اڳيان وڌائڻ جي عڪاسي ٿي رهي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته الحمدلله پاڪستان لاءِ سٺي خبر اها آهي ته جاري مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ملڪي معيشت ۾ …
اهم معاشي اهڃاڻن مان معيشت کي سنڀالڻ، مضبوط بنيادن سان گڏ اڳيان وڌائڻ جي عڪاسي ٿي رهي آهي: خرم شهزاد

مزید خبریں
اسلام آباد -31 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي، ته اهم معاشي اهڃاڻن مان پاڪستان جي معيشت کي سنڀالڻ ۽ مضبوط بنيادن سان اڳيان وڌائڻ جي عڪاسي ٿي رهي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته الحمدلله پاڪستان لاءِ سٺي خبر اها آهي ته جاري مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ملڪي معيشت ۾ 3.71 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اهو اضافو گذريل مالي سال جي انهي عرصي جي ڀيٽ ۾ 2.15 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جيڪو معيشت جي نمايان بهتري جي نشاندهي ڪري ٿو. هن چيو ته گذريل سال دوران معيشت آهستي آهستي بهتر ٿي، جڏهن ته هن سال جي شروعات ئي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي رفتار سان ٿي آهي. ان کان به وڌيڪ حوصلو ڏيندڙ ڳالهه آهي ته اها اوسر خاص طور تي صنعتي ۽ تعميراتي شعبن مان ٿي رهي آهي، جتي پهرين ٽه ماهي ۾ اوسر جي شرح 9.38 سيڪڙو رهي، جڏهن ته گذريل سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ اها شرح 0.12 سيڪڙو هئي. هن چيو ته سال 2025ع دوران ٻوڏ، کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ اضافو، مالي نظم و ضبط جهڙن وڏن چئلينجن باوجود معيشت ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته ان مان خبر پوي ٿي ته پاڪستان جي معيشت صرف سنڀالي نه پئي وڃي پر مضبوط بنياد تي اڳيان وڌي رهي آهي.










