اهم معاشي اهڃاڻن ۾ نمايان بهتري، 2025ع پاڪستاني معيشت جي استحڪام ۽ بحاليءَ جو سال رهيو

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستاني معيشت لاءِ 2025ع استحڪام، بحالي ۽ اعتماد جي واپسيءَ جو سال ثابت ٿيو، جنهن دوران ملڪ جي اٽڪل سمورن مُک معاشي اهڃاڻن ۾ واضح بهتري رڪارڊ ڪئي وئي. اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخي تيزي ڏيکاري، ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ نمايان واڌ ٿي، پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻو بلند سطح تي رهيو جڏهن ته عالمي مالياتي ادارن ۽ ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين به پاڪستان جي …

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستاني معيشت لاءِ 2025ع استحڪام، بحالي ۽ اعتماد جي واپسيءَ جو سال ثابت ٿيو، جنهن دوران ملڪ جي اٽڪل سمورن مُک معاشي اهڃاڻن ۾ واضح بهتري رڪارڊ ڪئي وئي. اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخي تيزي ڏيکاري، ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ نمايان واڌ ٿي، پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻو بلند سطح تي رهيو جڏهن ته عالمي مالياتي ادارن ۽ ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين به پاڪستان جي معاشي رُخ کي دُرست قرار ڏنو. حڪومت طرفان مالياتي نظم و ضبط جي قيام لاءِ کنيل قدمن جي نتيجي ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي کاتن جو خسارو هدف جي ويجهو رهيو، مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ اهو خسارو 812 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 503 ملين ڊالر فاضل هو. جڏهن ته نومبر مهيني ۾ صورتحال ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي ۽ 100 ملين ڊالرن جو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو آڪٽوبر ۾291 ملين ڊالر خساري ۾ هو. مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ شين جي واپاري خساري ۾ 30.3 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ هي 12.769 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو، جڏهن ته گذريل سال ان ئي مُدي ۾ اهو خسارو 9.799 ارب ڊالر هو. ان عرصي ۾ شين جو روانگي واپار 3 سيڪڙو گهٽتائيءَ شان 12.790 ارب ڊالر رهيو، جڏهن ته آمدني واپار ۾ 11 سيڪڙو واڌ سان 25.55 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. نومبر ۾ شين جي روانگي واپار 2.273 ارب ڊالر ۽ آمدني واپار 4.727 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، ان جي ابتڙ خدمتن جي شعبي هاڪاري ڪارڪردگي ڏيکاري. مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ خدمتن جي روانگي واپار سان 3.832 ارب ڊالر حاصل ٿيا جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جڏهن ته خدمتن جو آمدني واپار 5.148 ارب ڊالر رهيو. ان مُدي ۾ پرائمري بيلنس 3.829 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. 2025ع دوران سمنڊ پار پاڪستانين طرفان اُماڻي ناڻي ۾ واڌ جو رجحان برقرار رهيو جنهن سان معاشي ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ حڪومتي قدمن تي سمنڊ پار پاڪستانين جي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي، سمنڊ پار پاڪستانين جو اُماڻيل ناڻو قومي معيشت لاءِ مضبوط سهارو ثابت ٿيو. جولاءِ کان نومبر 2025ع دوران پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۾ 9.3 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي جو مجموعي ڳاڻيٽو 16.1 ارب ڊالر تائين پهچي ويو. نومبر ۾ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻو 3.2 ارب ڊالر رهيو، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ رقم سعودي عرب، يو اي اي، برطانيه ۽ آمريڪا مان وصول ٿي. 2025ع دوران ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ مجموعي طور تي 4.614 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي. ڊسمبر جي وچ ڌاري ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جا مجموعي ذخيرا 21.023 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا، جيڪي اٽڪل 3 مهينن جي آمدني واپار لاءِ ڪافي آهن. ان ۾ اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 15.902 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 5.120 ارب ڊالر شامل آهن. پاڪستان جي شماريات کاتي موجب مالي سال جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ جي ڊي پي جي اؤسر واري شرح 3.7 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل سال جي پهرين ٽه ماهي جي 1.56 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ نمايان بهتري آهي. زرعي شعبي 2.9 سيڪڙو، صنعتي شعبي 9.4 سيڪڙو، جڏهن ته خدمتن جي شعبي 2.4 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪئي. مالياتي ۽ انشورنس سرگرمين، ريئل اسٽيٽل، تعليم، صحت ۽ پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي شعبن ۾ به نمايان اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي. معاشي اؤسر ۽ استحڪام لاءِ کنيل قدمن تي عالمي بئنڪ، عالمي مالياتي فنڊ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ڪريڊٽ ريٽنگ جي عالمي ايجنسين پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. آءِ ايم ايف توسيعي فنڊ سهولت فنڊ ۽ ريزلينٽ فنڊ سهولت تحت پاڪستان لاءِ ترتيبوار ٻين ۽ پهرين قسط جاري ڪئي، ان موقعي تي جاري ٿيل بيان ۾ عالمي مالياتي فنڊ معيشت جي استحڪام ۽ آءِ ايم ايف پروگرام لاءِ پاڪستاني هدفن تي پنهنجي اعتماد جو به اظهار ڪيو. ڪريڊٽ ريٽنگ جي 3 اهم عالمي ايجنسين پاڪستان جي ساورن ڪريڊٽ ريٽنگ اپ گريڊ ڪئي. ڊي اينڊ بي پاڪستان ۽ گيلپ پاڪستان جي سروي موجب ملڪ ۾ صارفين جي اعتماد ۾ سالياني بنيادن تي 19 سيڪڙو واڌ ٿي. سروي ۾ مستقبل جي حوالي سان اعتماد جا اهڃاڻ 98.2 پوائنٽس رهيا، جڏهن ته نوجوانن ۾ معاشي بهتري جي حوالي سان سٺي ڳالهه ڏٺي وئي. سال 2025ع پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ لاءِ پڻ بهترين سال رهيو، ڪُلي معيشت جي استحڪام ۽ ڍانچي جاي سڌارن سبب پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ نئين تاريخ رقم ڪري رهي آهي. ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک 74 هزار پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، جڏهن ته هلندڙ سال دوران مارڪيٽ 48 سيڪڙو ريٽرن ڏنو. سيڙپڪارن جو انگ وڌي 4 لک 50 هزار کان چڙهي ويو آهي ۽ 16 نوان آءِ پي اوز متوقع آهن، جيڪي سيڙپڪارن جي اعتماد جو واضح ثبوت آهن. ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب گرمين جي موسم ۾ ٻوڏ باوجود پاڪستان جي معيشت مالي سال 2025ع جي آخري ٽه ماهيءَ ۾ 5.7 سيڪڙو اؤسر حاصل ڪئي، جڏهن ته مالي سال 2026ع جي شروعاتي مهينن ۾ مهانگائي گهٽ ٿي 4.7 سيڪڙو تي اچي وئي. سال دوران حڪومت صنعت ۽ زراعت جي ترقيءَ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، حڪومت زرخيز اِي جي نالي سان هڪ انقلابي زرعي مالياتي پروگرام متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن تحت رسمي مالياتي نظام کان ٻاهر رهندڙ 93 سيڪڙو ننڍن آبادگارن کي بنا ضمانت ڊجيٽل قرض فراهم ڪيا ويندا. ان پروگرام ذريعي آئينده 3 سالن ۾ ٻهراڙي معيشت ۾ 300 ارب رپين جي وهڪري جي اميد آهي، جنهن سان غربت ۾ گهٽتائي، زرعي پيداوار ۾ واڌ ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بنائڻ ۾ مدد ملندي. حڪومت طرفان ڍانچي جاتي سڌارن تي عملدرآمد ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي. ايف بي آر ۾ سڌارن جي عمل جي نتيجي ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ بهتري آئي، جڏهن ته ٽيڪس ليڪيجز جي محاذ تي پڻ اڳڀرائي ٿي. فرسٽ وومين بئنڪ جي نجڪاريءَ جو عمل مڪمل ٿيو، جڏهن ته پي آءِ اي جا 75 سيڪڙو شيئر ڪاميابيءَ سان وڪرو ٿيا، ان عمل سان پي آءِ اي کي پنهنجي عظمت جي بحاليءَ ۾ مدد ملندي. مجموعي طور تي 2025ع ۾ پاڪستان جي معيشت استحڪام، اعتماد ۽ درجا بدرجا ترقيءَ جو مضبوط بنياد رکي ڇڏيو آهي، جنهن جا ثمر ايندڙ مهينن ۾ وڌيڪ واضح هئڻ جي اميد آهي.

مزید خبریں