اسلام آباد - 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار شفيع جان پاران پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري جي حوالي سان ڏنل بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته انتهائي گهٽيا ڳالهه ٻولهه اڳ ۾ به ڪئي وئي ۽ هاڻي به ڪئي پئي وڃي، اطلاعات واري صلاحڪار جي عهدي تي ويٺل شخص جي اها ڳالهه ٻولهه …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار شفيع جان جي بيان جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار شفيع جان پاران پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري جي حوالي سان ڏنل بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته انتهائي گهٽيا ڳالهه ٻولهه اڳ ۾ به ڪئي وئي ۽ هاڻي به ڪئي پئي وڃي، اطلاعات واري صلاحڪار جي عهدي تي ويٺل شخص جي اها ڳالهه ٻولهه ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيڻ گهرجي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان بيان جي مذمت ڪندي آئون انهن ماڻهن کي چوندس ته پنهنجي زبان کي لغام ڏين، ڀينرن، ڌيئرن جي عزت ڪرڻ سکن، نه ته عزت ڪرائڻ به اسان کي اچي ٿي.










