وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پاران جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي سان معاهدي تي عملدرآمد تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد -31 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي سان معاهدي تي عملدرآمد جي حوالي سان هن وقت تائين جي ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي معاهدي تي عملدرآمد واري عمل کي وڌيڪ تيز ڪن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي …

اسلام آباد -31 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي سان معاهدي تي عملدرآمد جي حوالي سان هن وقت تائين جي ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي معاهدي تي عملدرآمد واري عمل کي وڌيڪ تيز ڪن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران وفاقي وزير جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان ٿيل معاهدي تي عملدرآمد جي اڳڀرائي جو جائزو  ورتو. اجلاس ۾  لاڳاپيل ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي ۽ معاهدي تي عملدآمد جي موجوده صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. چيف سيڪريٽري آزاد ڪشمير پڻ اڳڀرائي بابت جامع رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير معاهدي تي ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي معاهدي تي عملدرآمد واري عمل کي وڌيڪ تيز ڪن. هن واضح ڪيو ته آزاد ڄمون ڪشمير، پاڪستان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ اتان جي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ وفاقي حڪومت ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي حڪومت جي گڏيل ذميواري آهي.

مزید خبریں