نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي سعودي عرب جي شهر تبوڪ جي گورنر شهزاده فهد بن سلطان بن عبدالعزيز جي ٽيليفون

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي سعودي عرب جي شهر تبوڪ جي گورنر شهزاده فهد بن سلطان بن عبدالعزيز ٽيليفون ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب شهزاده فهد بن سلطان بن عبدالعزيز نائب وزيراعظم سان ڳالهائيندي کيس نئين سال جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم شهزاده فهد بن سلطان جي گرمجوش جذبن جو خيرسگالي سان …

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي سعودي عرب جي شهر تبوڪ جي گورنر شهزاده فهد بن سلطان بن عبدالعزيز ٽيليفون ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب شهزاده فهد بن سلطان بن عبدالعزيز نائب وزيراعظم سان ڳالهائيندي کيس نئين سال جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم شهزاده فهد بن سلطان جي گرمجوش جذبن جو خيرسگالي سان جواب ڏنو. تبوڪ جي گورنر پنهنجي ماضي جي مثبت ملاقات کي ياد ڪندي، نائب وزيراعظم کي تبوڪ اچڻ جي دعوت ڏني. ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪ-سعودي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ شهزاده فهد جي ذاتي دلچسپي جي واکاڻ ڪئي.

مزید خبریں