اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته سيڙپڪاري بورڊ ڪاروباري سهولت مرڪزن جي قيام، آسان ڪاروبار ايڪٽ ۽ جامع ريگيوليٽري سڌارن جهڙن قدمن کي فعال طور تي اڳتي وڌائي رهيو آهي، خاص اقتصادي زونزن ۾ سيڙپڪارن لاءِ پُرڪشش مراعتون ڏنيون پيون وڃن، جن ۾ 2035ع تائين ٽيڪس ۾ رعايت ۽ مشينريءَ جي آمدنيءَ واپار تي ڊيوٽي کان ڇوٽ به …
سيڙپڪاري بورڊ ڪاروباري سهولت مرڪزن جي قيام، آسان ڪاروبار ايڪٽ ۽ جامع ريگيوليٽري سڌارن جهڙن قدمن کي فعال طور تي اڳتي وڌائي رهيو آهي: قيصر احمد شيخ

مزید خبریں
اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته سيڙپڪاري بورڊ ڪاروباري سهولت مرڪزن جي قيام، آسان ڪاروبار ايڪٽ ۽ جامع ريگيوليٽري سڌارن جهڙن قدمن کي فعال طور تي اڳتي وڌائي رهيو آهي، خاص اقتصادي زونزن ۾ سيڙپڪارن لاءِ پُرڪشش مراعتون ڏنيون پيون وڃن، جن ۾ 2035ع تائين ٽيڪس ۾ رعايت ۽ مشينريءَ جي آمدنيءَ واپار تي ڊيوٽي کان ڇوٽ به شامل آهي. اهڙو اظهار هن بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ چائينا ميڊيا گروپ جي سهڪار سان ”چين پاڪستان اقتصادي شراڪتداري جو نئون ويزن“ (ڊرائيونگ انوويشن، شيئرنگ پراسپيريٽي) جي عنوان سان سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار گذريل ڏينهن سيڙپڪاري بورڊ ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير قيصر احمد شيخ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. سيمينار جو مقصد پاڪ- چين اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو جنهن ۾ خاص ڪري جدت، سيڙپڪاري، عوامي نمائندگيءَ تي ٻَڌل ترقي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مستقبل جي پاليسي هم آهنگي تي ڌيان ڏيڻ ڏنو ويو. پنهنجي آجياڻي خطاب ۾ چائينا ميڊيا گروپ جي ڊائريڪٽر تصور زمان سمورن شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو ۽ سيمينار منعقد ڪرڻ لاءِ بورڊ آف انويسٽمينٽ جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته ان نوعيت جا سيمينار پاڪ- چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سهڪار جا نوان رستا کولڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته سي پيڪ پاڪستان لاءِ هڪ حقيقي گيم چينجر آهي ۽ پاڪ- چين لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻَڌل آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي هيڊ آف چائينا پروگرام آءِ آر ايس نبيله جعفر چيو ته چين جي ترقيءَ جو داستان پاڪستان لاءِ سکڻ جو هڪ اهم عنصر آهي. هن چيو ته چين نمايان ترقي حاصل ڪئي آهي ۽ هو پنهنجا تجربا دوست ملڪن خاص ڪري پاڪستان سان ونڊڻ چاهي ٿو. ان موقعي تي ڊاڪٽر نور فاطمه سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي ۽ معاشي پاليسين ۾ اڳڀرائي ۽ تسلسل جي اهميت تي زور ڀريو. پنهنجي صدارتي خطاب ۾ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو ته مون کي چين سان واپار جو ڊگهو تجربو آهي ۽ مان چين جي شاندار ترقيءَ جو سفر ويجهي کان ڏٺو آهي. هن چيو ته چين انساني ترقيءَ کي پنهنجي پاليسين جو مرڪز بڻايو ۽ نامياري پاڪستاني معاشيات جي ماهر ڊاڪٽر محبوب الحق جي ترقياتي نظرين ڪيترن ئي ملڪن ۾ سوچ ۽ منصوبا بندي جي اڳواڻي ڪئي. هن چيو ته پاڪستان چين سان لاڳاپن ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اسان عالمي سفارتي مرحلن ۾ ٻئي ملڪ ويجها رهيا آهيون. هن چيو ته چين دنيا جي سڀ کان وڏن روايتي واپار ڪندڙن مان هڪ آهي ۽ پاڪستان چين جي تجربن مان گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ خاص ڪري چين مان سيڙپڪاريءَ ۾ اضافي تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته بي او آءِ بزنس فيسيليٽيشن سينٽر، آسان ڪاروبار ايڪٽ ۽ جامع ريگيوليٽري سڌارن جهڙن قدمن کي فعال طور تي اڳتي وڌايو پيو وڃي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته بي او آءِ سيڙپڪارن جي سهولت، پاڪ- چين اقتصادي تعاون کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.










