اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان حڪومت، جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي سان معاهدي تحت آزاد ڪشمير جي تَڪن کان هٽي ٻين قانون ساز اسيمبلي جي ميمبرن جي ميمبرشپ جي معاملي تي غور لاءِ 9 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن مطابق اها ڪميٽي پاڪستان حڪومت، آزاد ڪشمير حڪومت ۽ جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ 4 …
پاڪستان حڪومت طرفان قانون ساز اسيمبلي جي ميمبرن جي ميمبرشپ جي معاملي تي غور لاءِ 9 رڪني ڪميٽي قائم

مزید خبریں
اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان حڪومت، جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي سان معاهدي تحت آزاد ڪشمير جي تَڪن کان هٽي ٻين قانون ساز اسيمبلي جي ميمبرن جي ميمبرشپ جي معاملي تي غور لاءِ 9 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن مطابق اها ڪميٽي پاڪستان حڪومت، آزاد ڪشمير حڪومت ۽ جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ 4 آڪٽوبر 2025ع تي طئي ٿيل معاهدي تحت قائم ڪئي وئي آهي. 9 رڪني ڪميٽي ۾ آزاد ڪشمير حڪومت، پاڪستان حڪومت ۽ جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جا نمائندا شامل ڪيا ويا آهن. آزاد ڪشمير حڪومت جي نمائندن ۾ سينئر وزير ۽ قانون واري وزير عبدالوحيد، سردار طاهر انور ۽ راجا اعجاز احمد خان ايڊووڪيٽ شامل آهن، جڏهن ته پاڪستان حڪومت جي نمائندن ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري خشيع الرحمان، ليجسليٽو ايڊوائزر حسن محمود ۽ ڪنسلٽنٽ ريسرچ تيمور زرين خان، جڏهن ته جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي نمائندن ۾ راجا امجد علي خان ايڊووڪيٽ، سردار ارباب ايڊوڪيٽ ۽ سعد انصاري ايڊووڪيٽ شامل آهن. نوٽيفڪيشن مطابق ڪميٽي جو بنيادي مقصد آزاد ڄمون ڪشمير جي مقامي چونڊ تڪن کانسواءِ ٻين تڪن تان چونڊيل اسيمبلي ميمبرن جي معاملي تي تفصيلي مشاورت ڪرڻ آهي. ڪميٽي پنهنجون سفارشون معاهدي جي مانيٽرنگ ۽ عملدرآمد ڪميٽي کي پيش ڪندي.










