مٺي/اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين هر شهريءَ کي بنا فرق، مذهب، علائقي ۽ سماجي حيثيت جي برابر انصاف جي ضمانت ڏئي ٿو. عدليه ان واعدي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ڏورانهن ۽ پُٺتي پيل علائقن تائين پاڻ وڃي انصاف جي نظام جو جائزو وٺي رهي آهي. انصاف صرف عدالتي فيصلن تائين محدود ناهي پر باعزت ماحول، …
پاڪستان جو آئين هر شهريءَ کي بنا فرق جي مذهب، علائقي ۽ سماجي حيثيت سان برابر انصاف جي ضمانت ڏئي ٿو: چيف جسٽس آف پاڪستان

مزید خبریں
مٺي/اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين هر شهريءَ کي بنا فرق، مذهب، علائقي ۽ سماجي حيثيت جي برابر انصاف جي ضمانت ڏئي ٿو. عدليه ان واعدي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ڏورانهن ۽ پُٺتي پيل علائقن تائين پاڻ وڃي انصاف جي نظام جو جائزو وٺي رهي آهي. انصاف صرف عدالتي فيصلن تائين محدود ناهي پر باعزت ماحول، بنيادي سهولتون ۽ عوام دوست عدالتي نظام به اثرائتي انصاف جو لازمي جُز آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار چيف جسٽس آف پاڪستان ٿرپارڪر ضلعي جي دؤري جي موقعي تي ڪيو. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ مطابق چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيئرمين لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان ملڪ جي ڏورانهن ضلعي ٿرپارڪر جو دؤرو ڪيو جتي انساني ترقي جا انگ اکر گهٽ آهن ۽ اقليتي برادريءَ جو وڏو انگ آباد آهي. ان موقعي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس پڻ ان سان گڏ هو. پڌرائيءَ مطابق چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ننگرپارڪر ۾ سول ڪورٽ ڪامپليڪس جو دؤرو ڪيو ۽ عدالتي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انصاف جي نظام ۾ وقار لاءِ عوامي سهولتن جي دستيابي اڻٽر آهي. هن شديد موسمي حالتن ۽ محدود وسيلن باوجود فراهم ڪيل بنيادي سهولتن جن ۾ وومين فيسليٽيشن سينٽر، پيئڻ جي صاف پاڻي، سولرائزيشن ۽ اِي لائبريري شامل آهن، کي ساراهيو. چيف جسٽس جي صدارت ۾ ميرپورخاص هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، بار ايسوسيئيشن مٺي، عمر ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر جي وڪيلن سان انٽرايڪشن اجلاس به منعقد ٿيو جنهن ۾ بينچ ۽ بار وچ ۾ تعميري سهڪار کي اثرائتي انصاف ۽ عوامي اعتماد جو بنياد قرار ڏنو ويو. پڌرائيءَ مطابق چيف جسٽس تاريخي ڪاسبو مندر ۽ چڙيو جبل درگا ماتا مندر جو به دؤرو ڪيو جتي هن مذهبي آزاديءَ جي تحفظ، ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ بين المذاهب هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عدليه جي آئيني ڪردار جو ورجاءُ ڪيو.

اهو دؤرو پاڪستان جي گهڻ رُخي ثقافتي معاشرتي ڍانچي ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي رياستي عزم جي علامت قرار ڏنو ويو. بعد ۾ چيف جسٽس مٺيءَ ۾ ضلعي عدالت ڪامپليڪس جو دؤرو ڪيو ۽ عدالتي معاملن، ڪيسن جي انتظام، انفراسٽرڪچر جي ضرورتن ۽ عورت دوست سهولتن جو جائزو ورتو. هن هدايت ڪئي ته پهچ، صفائي ۽ ٻين عملي خامين کي لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي ترقياتي فريم ورڪ تحت باضابطه طور تي دستاويزي شڪل ڏني وڃي ته جيئن وقت سر سڌارن وارا قدم کڻي سگهجن. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته اهو دؤرو لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي فيلڊ بيسڊ حڪمت عملي جو حصو آهي جنهن جو مقصد انصاف جي نظام ۾ موجود خال جي نشاندهي ۽ هدفي سڌارن ذريعي آئيني ضمانتن کي سمورن شهرين لاءِ عملي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ آهي.










