سوات-30 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جو هڪ تاريخي منصوبو آهي جيڪو مڪمل طور تي ميرٽ جي بنياد تي جاري آهي، عورتن جي تعليم حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. سوات يونيورسٽيءَ جو جديد وومين ڪيمپس شاگردن کي معياري تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا …
ليپ ٽاپ اسڪيم نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جو هڪ تاريخي ۽ وزنري منصوبو آهي: امير مقام

مزید خبریں
سوات-30 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جو هڪ تاريخي منصوبو آهي جيڪو مڪمل طور تي ميرٽ جي بنياد تي جاري آهي، عورتن جي تعليم حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. سوات يونيورسٽيءَ جو جديد وومين ڪيمپس شاگردن کي معياري تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيورسٽي آف سوات ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم جي تقريب ۽ سوات يونيورسٽي ويمن جي نئين ڪيمپس جي باقائده افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته نئين ڪيمپس جي منصوبي تي مجموعي طور تي 1.3 ارب روپين جي لاڳت آئي آهي، جنهن جو اعلان اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف ڪيو هو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته عورتن جي تعليم حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ جديد ويمن ڪيمپس شاگردن کي معياري تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردارا ادا ڪندو. هن چيو ته ان منصوبي جو مڪمل ٿيڻ ميان محمد نواز شريف جي تعليمي ويزن جو عملي ثبوت آهي جنهن جو مقصد سڄي ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي موقعن کي هٿي ڏيڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته 2016ع ۾ نواز شريف جي سوات جي دوري دوران هن صوابي ۽ شانگله يونيورسٽي ڪيمپس جي منظوري ڏني هئي. هن چيو ته کيس خوشي آهي ته هو ٻيو ڀيرو سوات اچي شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏئي رهيو آهي. اهو منصوبو شروعات ۾ وزيراعظم شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور شروع ڪيو هو، جنهن کي هاڻي ڪاميابي سان اڳتي وڌايو پيو وڃي. بدقسمتيءَ سان 2018ع ۾ اهو منصوبو بند ڪيو ويو هو، جڏهن ته وزيراعظم بڻجڻ جي فوري بعد شهباز شريف ان تعليمي منصوبي کي بحال ڪيو. هن چيو ته هاڻي تائين سڄي ملڪ ۾ 10 لک کان وڌيڪ شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏئي چڪا آهيون. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪي پي ڪي جي تعليمي منصوبن ۾ 50 سيڪڙو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي، شاگردن کي ميرٽ جي بنياد تي ليپ ٽاپ فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته استادن کي پرڏيهه ۾ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جا موقعا ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن سوات ۽ ڪي پي ڪي ۾ دهشتگرديءَ خلاف قربانين جو ذڪر ڪندي چيو ته هڪ وقت هو جڏهن ان علائقي ۾ اچڻ خواب لڳندو هو پر هاڻي عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز جي عظيم قربانين سان امن بحال ٿيو آهي. وفاقي وزير چيو ته اڄ مون کي شاگردن جون تقريرون ٻُڌڻ جو موقعو مليو جيڪو انتهائي سٺو تجربو هو. هي صرف هڪ ليپ ٽاپ ناهي پر هڪ ويزن آهي جيڪو نوجوان نسل جي روشن مستقبل جي علامت آهي. هن چيو ته اسان جي فيلڊ مارشل جرئت ۽ـ دليريءَ سان ملڪ جي قيادت ڪئي، مان پاڻ آزاد ڪشمير ۾ پاڪ- ڀارت چڪرين دوران سرحد تي موجود رهيو آهيان، ملڪ وقت سر ۽ ڀرپور جواب ڏئي دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو، مان هميشه پنهنجي صوبي ۽ پنهنجي علائقن جي بهترين انداز ۾ نمائندگي ڪئي ۽ عوام جي خدمت کي پنهنجو فخر سمجهيو، عوام جي مدد ڪري مون کي دلي سڪون مليو. پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته يونيورسٽيءَ لاءِ هڪ آڊيٽوريم وقت جي اهم ضرورت آهي، ان حوالي سان ڀرپور آواز اُٿاريندس. ان سان گڏوگڏ راندين جي ميدان، جم ۽ ٻيون سهولتون به تعليمي ادارن لاءِ اڻٽر آهن.آخر ۾ هن شاگردن کي مبارڪ ڏيندي چيو ته خلوص، محنت ۽ قومي جذبي سان اسان سڀ ڪامياب ٿي سگهون ٿا. هن چيو ته مون کي توهان تي فخر آهي ۽ مان فخر سان چوان ٿو ته مان توهان مان ئي آهيان. ان کان اڳ سوات يونيورسٽي پهچڻ تي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر حسن شيراز ۽ فيڪلٽي ميمبرن وفاقي وزير جي آجيان ڪئي ۽ يونيورسٽيءَ بابت بريفنگ ڏني. وفاقي وزير عورتن جي ڪيمپس جي لان ۾ ٻوٽو به لڳايو.










