چنيوٽ-30 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان معاشي استحڪام ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ سميت گامزن آهي، ايندڙ سال ۾ پاڪستان لاءِ معاشي ۽ سيڙپڪاري جي لحاظ کان نهايت اهم ثابت ٿيندو. چنيوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس جو 40 هزار کان وڌي هڪ لک 74 هزار جي حد پار ڪرڻ عالمي …
پاڪستان معاشي استحڪام ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ طرف گامزن آهي: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ

مزید خبریں
چنيوٽ-30 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان معاشي استحڪام ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ سميت گامزن آهي، ايندڙ سال ۾ پاڪستان لاءِ معاشي ۽ سيڙپڪاري جي لحاظ کان نهايت اهم ثابت ٿيندو. چنيوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس جو 40 هزار کان وڌي هڪ لک 74 هزار جي حد پار ڪرڻ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جو واضح ثبوت آهي. عالمي ادارن طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ۽ آمريڪا ۽ چين سميت مختلف ملڪن سان بهتر لاڳاپا سيڙپڪاريءَ جي ماحول کي مضبوط بڻائي رهيا آهن. هن ٻُڌايو ته اسلام آباد ۾ ون ونڊو سهولت لاءِ فيسيلي ٽيشن سينٽر قائم ڪيو ويو آهي جتي سمورين وزارتن جي نمائندگي هڪ ئي ڇِت هيٺان موجود آهي ته جيئن سيڙپڪارن کي آفيسن جا چڪر نه لڳائڻا پون. هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو صوبن ۾ سيڙپڪاري جون ڪانفرنسون ٿيون جنهن سان عالمي سطح تي پاڪستان جو هاڪاري چهرو اُجاگر ٿيو ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام انتهائي ضروري آهي. هن وزيراعظم طرفان مخالف ڌُر کي ڳالهين جي دعوت ڏيڻ کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته سياسي مسئلن جو حل سياسي پارٽين کي پاڻ ۾ گڏجي ويهي ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر پڻ غير جانبدار ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ حڪومت مفاهمت جي طرف عملي قدم وڌايو آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ سڀني کان مٿانهون آهي. هن چيو ته ايف بي آر ۾ سڌارن جي ضرورت آهي ۽ـ حڪومت واپارين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. حڪومت هر سال هزارين ارب رپيا خساري ۾ ويندڙ ادارن تي خرچ ڪري رهي آهي جنهن جو بار عوام تي پوندو آهي، ان ڪري انهن ادارن جي نجڪاري ۽ـ سڌارا اڻٽر آهن. هن چيو ته اٽڪل 10 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ آهن ۽ 2 ڪروڙ 26 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جنهن تي حڪومت کي فوري ڌيان ڏيڻو پوندو. آباديءَ ۾ اضافي جي شرح 2.5 سيڪڙو آهي جيڪا ترقي جي رفتار کي متاثر ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڏيوالي ٿيڻ جي خطري مان نڪري آيو آهي پر اسان کي اڃا به گهڻي محنت ڪرڻي آهي ته جيئن ترقيءَ جي رفتار کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ عام ماڻهوءَ کي ان جو لاڀ ملي سگهي. هن چيو ته دنيا ۾ تمام گهٽ اهڙا ملڪ آهن جتي 12 کان 15 ڪروڙ ماڻهو ڪجهه ڪلاڪن اندر هڪ ئي معاشي مرڪز سان ڳنڍجي سگهن ٿا، جيئن پاڪستان ۾ فيصل آباد، لاهور، ملتان، ڪراچي ۽ ڀرپاسي ۾ ممڪن آهي. فيصل آباد، ملتان ۽ ڪراچي نه صرف صنعتي پر واپاري لحاظ کان به پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي آهن.










