ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس، پاڪستان انڊر 19 مينز ڪرڪيٽ ٽيم جي عالمي ڪاميابي جي اعتراف ۾ انعامي رقم جي ادائيگي لاءِ فني ضمني گرانٽ جي منظوري

اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي پاڪستان انڊر 19 مينز ڪرڪيٽ ٽيم کي سندس شاندار ڪارڪردگي ۽ عالمي ڪاميابي جي اعتراف ۾ انعامي رقم جي ادائگيءَ لاءِ فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري وزارت ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، علي …

اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي پاڪستان انڊر 19 مينز ڪرڪيٽ ٽيم کي سندس شاندار ڪارڪردگي ۽ عالمي ڪاميابي جي اعتراف ۾ انعامي رقم جي ادائگيءَ لاءِ فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري وزارت ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، علي پرويز ملڪ، قيصر احمد شيخ ۽ صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان شرڪت ڪئي. جڏهن ته لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس جي شروعات ۾ ڪميٽيءَ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر جي ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. مرحومه کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي ناڻي واري وزير ملڪ لاءِ سندس خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته سندس خدمتون صرف نگران وزير جي ڪردار تائين محدود نه هيون. بعد ۾ لاڳو ڪيل ڪيترن ئي اهم اداره جاتي ۽ ٽيڪس پاليسي سڌارن جو تصور سندس دؤر ۾ پيش ڪيو ويو هو ۽ اهو به چيو ته سندس قيادت ۽ ويزن آئينده به اقتصادي حڪمرانيءَ تي هاڪاري اثر وجهندو رهندو. ڪميٽيءَ سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ڪابينه ڊويزن طرفان پاڪستان انڊر 19 مينز ڪرڪيٽ ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي ۽ عالمي ڪاميابيءَ جي اعتراف ۾ انعامي رقم جي ادائگيءَ لاءِ فني ضمني گرانٽ بابت سمريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزير چيو ته اهڙي طرح جي حوصلا افزائي نه صرف راندين ۾ اعليٰ ڪارڪردگي جو اعتراف آهي پر عالمي سطح تي ملڪ جي نمائندگي ڪندڙ نوجوان ٽيلنٽ لاءِ ترغيب جوڳو آهي. اجلاس ۾ دفاع ڊويزن طرفان بلٽ پروف گاڏين جي خريداريءَ لاءِ فني ضمني گرانٽ بابت سمريءَ جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته اهو فيصلو موجود آپريشنل ضرورتن ۽ سيڪيورٽيءَ بابت گهرجن کي نظر ۾ رکي ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں