صحت جو شعبو قومي سلامتيءَ جو ضامن، ون هيلٿ اپروچ سان معيشت ۽ دفاع کي مضبوط بڻائينداسين: مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد -30 ڊسمبر (اي پي پي) صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ”ون هيلٿ اپروچ“ کي پاڪستان جي محفوظ مستقبل لاءِ اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي، ته صحت جو شعبو هاڻي صرف بيمارين جي علاج تائين محدود ناهي رهيو، پر بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ اهو قومي سلامتي جو درجو اختيار ڪري چڪو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اينٽي مائيڪرو بيل ريزسٽنس (اي ايم آر) ۽ ون هيلٿ اپروچ …

اسلام آباد -30 ڊسمبر (اي پي پي) صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ”ون هيلٿ اپروچ“ کي پاڪستان جي محفوظ مستقبل لاءِ اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي، ته صحت جو شعبو هاڻي صرف بيمارين جي علاج تائين محدود ناهي رهيو، پر بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ اهو قومي سلامتي جو درجو اختيار ڪري چڪو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اينٽي مائيڪرو بيل ريزسٽنس (اي ايم آر) ۽ ون هيلٿ اپروچ جي موضوع تي منعقد اعليٰ سطهي پاليسي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن هڪ هاڪاري ۽ فڪر انگيز نقطئه نظر پيش ڪندي چيو ته انسان اخري ساهه تائين سکڻ جي عمل مان گذرندو آهي ۽ اڄ اسان کي به اهو سکڻو آهي ته هڪ مضبوط هيلٿ ڪيئر سسٽم ئي مستحڪم معيشت ۽ شڪست نه ٿيڻ جوڳي دفاع جو بنياد آهي. هن چيو ته ڪووڊ-19 جي تجربن مان دنيا کي سيکاريو ٿو ته آمريڪا، چين ۽ ڀارت جهڙيون وڏيون طاقتون به بيمارين جي غير معمولي بار آڏو بيوس ٿي سگهن ٿيون، ان ڪري اسان کي پنهنجي تيارين کي جديد رخن تي آڻڻو پوندو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي هيلٿ سسٽم کي درست ڪري ورتو ته اهو پاڪستان جي معيشت ۽ دفاع سميت سڄي رياستي نظام کي تحفظ فراهم ڪندو. ان موقعي تي ٽيڪنيڪل هيلٿ گروپ جي چيئرمين ۽ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر شهزاد علي خان ون هيلٿ پروگرام جي ڪاميابين ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي به روشني وڌي.

مزید خبریں