قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي هيبت الحلبوسي کي عراقي پارليامينٽ جو اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪون

اسلام آباد -30 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق هيبت الحلبوسي کي جمهوريه عراق جي ڪائونسل آف ريپريزنٽيٽوز جو اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي بيان ۾ اسپيڪر چيو ته هيبت الحلبوسي جو اسپيڪر چونڊجڻ عراق جي پارليامينٽ ۽ عوام جو سندس مٿان اعتماد جو عڪاس آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هيبت الحلبوسي جي قيادت ۾ عراق جي پارليامينٽ عراق جي عوام جي …

اسلام آباد -30 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق هيبت الحلبوسي کي جمهوريه عراق جي ڪائونسل آف ريپريزنٽيٽوز جو اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي بيان ۾ اسپيڪر چيو ته هيبت الحلبوسي جو اسپيڪر چونڊجڻ عراق جي پارليامينٽ ۽ عوام جو سندس مٿان اعتماد جو عڪاس آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هيبت الحلبوسي جي قيادت ۾ عراق جي پارليامينٽ عراق جي عوام جي ڀلائي، جمهوري قدرن ۽ شفاف حڪمراني کي هٿي وٺائڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ پراڻا لاڳاپا گڏيل مذهب، گڏيل احترام ۽ ڀائيچاري جي مضبوط بنياد تي ٻڌل آهن. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته نئين چونڊيل عراقي اسپيڪر جي قيادت ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطا وڌيڪ مستحڪم ۽ گڏيل سهڪار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو.

مزید خبریں