قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي بلوچستان جي وڏي وزير کي بگٽي قبيلي جي اٺين چيف جو منصب سنڀالڻ تي مبارڪون

اسلام آباد -30 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽيءَ کي بگٽي قبيلي جي اٺين چيف جي حيثيت سان ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي بيان ۾ اسپيڪر چيو ته مير سرفراز بگٽي جو چيف طور چونڊجڻ بگٽي قبيلي جي ڀرپور اعتماد جو مظهر آهي. هن چيو ته اهو اعزاز مير سرفراز بگٽي جي سياسي بصيرت، قائداڻين صلاحيتن …

اسلام آباد -30 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽيءَ کي بگٽي قبيلي جي اٺين چيف جي حيثيت سان ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي بيان ۾ اسپيڪر چيو ته مير سرفراز بگٽي جو چيف طور چونڊجڻ بگٽي قبيلي جي ڀرپور اعتماد جو مظهر آهي. هن چيو ته اهو اعزاز مير سرفراز بگٽي جي سياسي بصيرت، قائداڻين صلاحيتن ۽ بلوچستان جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ڀلائي لاءِ سندس مسلسل خدمتن جو اعتراف آهي، هن چيو ته وڏي وزير طور مير سرفراز بگٽي جا صوبي ۾ ترقي، تعليم کي هٿي ۽ اداراجاتي استحڪام لاءِ قدم تعريف جوڳا آهن. هن چيو ته جامع ترقي ۽ سياسي استحڪام جي حوالي سان سندس ويزن سندس ڊگهي نظر ۽ بلوچستان کي درپيش چئلينجز جي گهري فهم جو مظهر آهن. اسپيڪر چيو ته بلوچستان هن وقت ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ فتنه الخوارج ۽ سرحد پار دهشتگردي جهڙن سنگين چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪو امن ۽ ترقي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. هن چيو ته مير سرفراز بگٽي بلوچستان جي عوام، پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي دهشتگردي جي خاتمي ۽ صوبي سميت سڄي ملڪ ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں