سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 10 هزار 700 رپين جي گهٽٽائي رڪارڊ

اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 10700 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 59 هزار 462 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 10 هزار 700 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 59 هزار 462 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 9174 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 03 هزار 088 رپين مان گهٽجي 3 لک 93 هزار 914 رپيا ٿي ويو. جڏهن …

اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 10700 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 59 هزار 462 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 10 هزار 700 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 59 هزار 462 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 9174 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 03 هزار 088 رپين مان گهٽجي 3 لک 93 هزار 914 رپيا ٿي ويو. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 69 هزار 510 رپين مان گهٽجي 3 لک 61 هزار 100 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 157 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 7930 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 125 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6798 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4478 ڊالر مان گهٽجي 4371 ڊالر ٿي وئي.

مزید خبریں