اسلام آباد -30 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ چيني ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ اهو قدم پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مالي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. اهڙو اظهار هن چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان …
پاڪستان پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪ چين اقتصادي ڀائواري نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد -30 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ چيني ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ اهو قدم پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مالي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. اهڙو اظهار هن چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا ٻه طرفا لاڳاپا مسلسل مضبوط، مستحڪم ۽ پختا ٿي رهيا آهن ۽ هاڻي اهي لاڳاپا صرف بنيادي ڍانچي تائين محدود ناهن پر هڪ وسيع مارڪيٽ تي ٻڌل اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. هن چين کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري ڀائيوار قرار ڏيندي ٻڌايو ته هلندڙ سال جي پهرين 8 مهينن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ڪاٿو اٽڪل 17 ارب آمريڪي ڊالر تائين پهچي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪ چين لاڳاپا ڏهاڪن کان مسلسل مضبوط ٿي رهيا آهن ۽ چين هر عالمي فورم تي پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ چين جو ڪردار خاص ڪري سي پيڪ ذريعي نهايت اهم رهيو آهي، جيڪو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جو نمايان منصوبو آهي. سي پيڪ جي پهرين مرحلي ۾ روڊن، بندرگاهن، هوائي اڏن ۽ توانائي جي منصوبن سميت بنيادي ڍانچي تي ڌيان ڏنو ويو، جڏهن ته صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي جيانگ سان هلندڙ سال ٿيل اعليٰ سطحي ملاقاتن کان پوءِ سي پيڪ جي ٻي مرحلي جي باقاعده شروعات ٿي چڪي آهي. سي پيڪ فيز ٽو ۾ موجوده انفراسٽرڪچر کي معاشي طور تي اثرائتو بڻائن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ اهو مرحلو گهڻي ڀاڱي بزنس ٽو بزنس سهڪار تي ٻڌل آهي، جيڪا نجي شعبي جي قيادت ۾ پائيدار ترقي طرف هڪ واضح اڳڀرائي آهي، پاڪستان جي اقتصادي ترجيحن بابت سوال تي وفاقي وزير چيو ته زراعت، معدنيات ۽ کاڻيون کوٽڻ، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل معيشت اهي شعبا آهن، جن ۾ چين جي سيڙپڪاري وڌي رهي آهي. ان مرحلي ۾ سهڪار صرف سيڙپڪاري تائين محدود ناهي، پر علم جي منتقلي ۽ فني معاونت کي به خاص اهميت ڏني پئي وڃي. هن ٻڌايو ته هزارين پاڪستاني زرعي گريجوئيٽس کي چين جي يونيورسٽين ۾ داخلا ڏني وئي آهي ته جيئن اهو جديد زرعي طريقا سکي پاڪستان واپس اچن، جنهن سان ملڪي زرعي شعبي کي جديد بڻائڻ ۽ پيداوار وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هنهن هواوي سميت وڏين چيني ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اهي ڪمپنيون هزارين پاڪستاني آءِ ٽي گريجوئيٽس کي تربيت فراهم ڪري رهيون آهن، جيڪو پاڪستان جي ڊجيٽل ترقي لاءِ هڪ وڏو موڙ ثابت ٿي سگهي ٿو. عالمي غير يقيني صورتحال، جاگرافيائي ڇڪتاڻ ۽ وڌندڙ تحفظاتي رجحانن جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي پاليسي چين سان پراڻي ڀائيواري ۽ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ٻڌل آهي. چين جي معاونت صرف واپار ۽ سيڙپڪاري تائين محدود ناهي رهي، پر اهم اقتصادي دورن ۾ جنهن ۾ آءِ ايم ايف پروگرام کي نظر ۾ رکندي چين پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي آهي. هن چيو ته پانڊا بانڊ جاري ٿيڻ سان پاڪستان کي دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي ۽ گهري ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ٿيندي جنهن سان آمريڪي ڊالر تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ، يورو سڪوڪ مارڪيٽن سان گڏوگڏ فنانسنگ جي ذريعن کي سگهارو بنائڻ ۾ مدد ملندي. هن اعتراف ڪيو ته ماضي ۾ پاڪستان ان مارڪيٽ مان ڀرپور فائدو نه کڻي سگهيو هو ان ڪري هاڻي ان کي چيني سيڙپڪارن طرفان هاڪاري ردعمل جي اميد آهي، مستقبل جي منظرنامي جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ هاڻي هڪ واضح اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي روڊ ميپ موجود آهي، جيڪو تازو ئي اعليٰ سطح جي ٻه طرفين ملاقاتن، جنهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي تيانجن ۾ ٿيل ملاقاتن، کان پوءِ طي ٿيو آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ نه رڳو جاگرافيائي ۽ سياسي ترجيحن تي هم آهنگ آهن پر هڪ ڊگهي مدي واري اقتصادي ايجنڊا تي به متفق آهن جيڪا ايندڙ سالن ۾ پاڪ چين پائيدار، سدا بهار ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل ڀائيوار کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.










