وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي رهائشگاهه کي نشانو بڻائڻ جي خبرن جي مذمت

اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي رهائشگاهه کي نشانو بڻائڻ جي خبرن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي نوعيت جا ڪڌا قدم خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن امن جي لاءِ ڪوششون جاري آهن، امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو آهن. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان روس …

اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي رهائشگاهه کي نشانو بڻائڻ جي خبرن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي نوعيت جا ڪڌا قدم خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن امن جي لاءِ ڪوششون جاري آهن، امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو آهن. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان روس جي صدر ۽ روسي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان هر قسم جي تشدد ۽ اهڙن سمورن قدمن جي پرزور مذمت جو ورجاءُ ڪريون ٿا جيڪي سلامتي کي نقصان پهچائڻ ۽ امن کي خطري ۾ وجهڻ جي لاءِ ڪيا وڃن.

مزید خبریں