اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي رهائشگاهه تي ڊرون حملي جي خبرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اهڙن واقعن سان تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ جاري ڪوششن کي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر چيو ته هڪ نازڪ موقعي تي جڏهن جنگ جي خاتمي جي لاءِ ڳالهه …
صدر آصف علي زرداري پاران روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي رهائشگاهه تي ڊرون حملي جي خبرن تي ڳڻتي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي رهائشگاهه تي ڊرون حملي جي خبرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اهڙن واقعن سان تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ جاري ڪوششن کي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر چيو ته هڪ نازڪ موقعي تي جڏهن جنگ جي خاتمي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه هڪ حساس مرحلي ۾ آهي، اهڙا قدم جيڪي ڇڪتاڻ کي وڌائين ٿا، انتهائي نقصانڪار آهن. هن ٻنهي ڌرين تي زور ڀريو ته اهي انتهائي تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ڪاميابي طرف قدم کڻن. صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته امن ئي اڳتي وڌڻ جو قابل عمل رستو آهي ۽ حالتن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کي روڪڻ جي لاءِ صبر ۽ ذميواري ضروري آهي.










