وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاران 38 لک روپيا واپس ڪندڙ ريلوي پوليس اھلڪار لاءِ روڪ انعام جو اعلان

اسلام آباد - 30 ڊسمبر(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ريلوي پوليس جي ڪانسٽيبل جي ايمانداري جو اعليٰ مثال قائم ڪرڻ تي کيس ھڪ لک روپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي.ريلوي واري وفاقي وزير واضح ڪيو ته مان اھا انعامي رقم پنھنجي کيسي مان کيس ادا ڪندس ته جيئن فرض شناس اھلڪارن جي حوصلا افزائي ٿئي. ڪانسٽيبل کي ڊيوٽي دوران ريل گاڏي مان پيسن سان …

اسلام آباد – 30 ڊسمبر(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ريلوي پوليس جي ڪانسٽيبل جي ايمانداري جو اعليٰ مثال قائم ڪرڻ تي کيس ھڪ لک روپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي.ريلوي واري وفاقي وزير واضح ڪيو ته مان اھا انعامي رقم پنھنجي کيسي مان کيس ادا ڪندس ته جيئن فرض شناس اھلڪارن جي حوصلا افزائي ٿئي. ڪانسٽيبل کي ڊيوٽي دوران ريل گاڏي مان پيسن سان ڀريل ھڪ بيگ مليو ھو. جنھن ۾ 38 لک روپين جي رقم موجود ھئي. بيگ ڪراچي جي ھڪ واپاري محسن جو ھو، بيگ کي سپاهي مڪمل ديانتداري سان اصل مالڪ جي ڳولا ڪري روھڙي اسٽيشن تي سندس حوالي ڪري ڇڏيو ھو. وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سپاهي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اوهان جھڙا ايماندار ۽ فرض شناس ماڻھو ئي ريلوي جو اصل چھرو آھن. ھن چيو ته ايمانداري ۽ فرض شناسي رياستي ادارن جي اصل طاقت ھوندي آھي ۽ اھڙن قدمن کان سرڪاري ادارن تي عوام جي اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو آھي.

مزید خبریں