نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان چيني سفير جي ملاقات، ون چائنا پاليسي سميت سمورن بنيادي معاملن تي چين جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ

اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ون چائنا پاليسي سميت سمورن بنيادي معاملن تي چين جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري پڌرائي موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زائي ڊونگ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي چيني سفير چين جي پرڏيهي …

اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ون چائنا پاليسي سميت سمورن بنيادي معاملن تي چين جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري پڌرائي موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زائي ڊونگ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي چيني سفير چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي نئين سال جي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشون پهچايون. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جي علائقائي سالميت، خودمختياري ۽ قومي ترقي جي لاءِ چين جي ڀرپور ۽ مسلسل حمايت کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ون چائنا پاليسي سميت سمورن بنيادي معاملن تي چين جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان عوامي جمهوريه چين کي چين جي نمائندگي ڪندڙ واحد جائز حڪومت تسليم ڪري ٿو ۽ تائيوان کي چين جو ناقابل ورڇ حصو سمجهي ٿو. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پاڪ چين ٻطرفي لاڳاپن جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ حصيداري پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ بنيادي ٿنڀ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ضامن آهي.

مزید خبریں