لاهور-29 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديلي غذائي تحفظ لاءِ وڏا چئلينجز آهن، جيڪڏهن فصلن جي پيداوار کي نه وڌايو ويو ته ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ڏُکيو ٿي پوندو. هو پنجاب يونيورسٽيءَ جي سينٽر آف ايڪسيلينس اِن ماليڪيور بايولاجي ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي پاليسيءَ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. ان …
خوارڪ جي پيداوار وڌائي نه وئي ته ملڪي ضرورتون پوريون نه ٿينديون: راڻا تنوير حسين

مزید خبریں
لاهور-29 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديلي غذائي تحفظ لاءِ وڏا چئلينجز آهن، جيڪڏهن فصلن جي پيداوار کي نه وڌايو ويو ته ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ڏُکيو ٿي پوندو. هو پنجاب يونيورسٽيءَ جي سينٽر آف ايڪسيلينس اِن ماليڪيور بايولاجي ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي پاليسيءَ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پاڪستان اڪيڊمي آف سائنس جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪوثر عبدالله ملڪ، ڊاڪٽر معاذ رحمان، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان ماهرن ۽ سائنسدانن ۽ پاليسي ميڪرز شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به شعبي ۾ صلاحيتن جي کوٽ ناهي، ڪنهن به شعبي جي ترقي ۽ بهتريءَ لاءِ تحقيق تمام ضروري آهي. هن چيو ته ادارن ۾ ريسرچ جا فائدا هميشه ڊگهي مُدي لاءِ هوندا آهن. ريسرچ جي نتيجي ۾ فوري نتيجا نه ملڻ سبب حڪومتون ان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي نٿيون وٺن. راڻا تنوير حسين چيو ته اسان جي نيشنل سيڪيورٽي، فوڊ سيڪيورٽي سان ڳنڍيل آهي، فوڊ ريسرچ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته موسمياتي تبديليءَ جو سڀ کان وڌيڪ چئلينج زراعت کي متاثر ڪري رهيو آهي. پيداواري لاڳت ۾ واڌ سميت ٻين چئلينجز ۾ زراعت ۽ آبادگارن جو تحفظ حڪومت جي ذميداري آهي. اسان 6 ملين ٽن ڪڻڪ 3500 رپيا في مڻ جي حساب سان آبادگارن کان خريد ڪنداسين. هن چيو ته ڪڻڪ اسان جي سڀ کان ضروري فصل آهي، اسان کي ان جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿيڻ گهرجي.










