اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ڪالهه بجلي ۽ هائيڊل انرجي جي شعبن ۾ اهم پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ پاور ڊويزن کي هدايت ڪئي وئي ته هو اهم ترين منصوبن کي ترجيح ڏئي، مستقبل جي فنانسنگ کي معقول بڻايو وڃي ۽ …
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ بجلي ۽ هائيڊل انرجي جي شعبن ۾ منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ڪالهه بجلي ۽ هائيڊل انرجي جي شعبن ۾ اهم پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ پاور ڊويزن کي هدايت ڪئي وئي ته هو اهم ترين منصوبن کي ترجيح ڏئي، مستقبل جي فنانسنگ کي معقول بڻايو وڃي ۽ حقيقي مالياتي فريم ورڪ سان گڏ 3 سالن لاءِ مالياتي فريم ورڪ جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي. وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير هدايت ڪئي ته حڪمت عملي جي لحاظ کان اهم منصوبن جي وقت سر فراهميءَ کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزير کي بجلي ۽ هائيڊل سيڪٽر جي منصوبن جي مجموعي پورٽ فوليو ۽ مالياتي پوزيشن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي پاور سيڪٽر جي 37 اهم منصوبن جو جائزو ورتو ويو جن جي گڏيل منظور ٿيل لاڳت 1.7 ٽريلين رپيا آهي، ان مان جون 2025ع تائين 1.1 ٽريلين رپيا خرچ ٿي چڪا هئا، جڏهن ته ٿرو فارورڊ 492.4 بلين رپيا هئا ۽ هلندڙ مالي سال دوران رکيل رقم 104.7 بلين رپيا آهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهيءَ دوران تقريبن 175 بلين رپين جي واڌو گُهر، جي نشاندهي ڪئي وئي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته وقت بوقت پورٽ فوليو جو جائزو ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته جيئن مختصر عوامي مسئلن کي قومي ترجيحن سان هم آهنگ ڪيو وڃي، لاڳت ۾ واڌ ۽ عملدرآمد ۾ دير جي جلد نشاندهي ڪئي وڃي ۽ هي ته سڀ کان وڌيڪ معاشي ۽ سماجي منافعي وارا منصوبا بنا ڪنهن دير جي مڪمل ڪيا وڃن. هن پاور ڊويزن کي هدايت ڪئي ته اهم منصوبن جو پراجيڪٽ وائيز بريڪ اپ تيار ڪيو وڃي ۽ هر پراجيڪٽ لاءِ ايندڙ 3 سالن لاءِ سالياني فنانسنگ ۽ عملدرآمد جو منصوبو به پيش ڪيو وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته تڪميل جي ويجهو منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي ته جيئن ٻُڏل سيڙپڪاريءَ کي جلد کان جلد آپريشنل اثاثن ۾ تبديل ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته ان جو مقصد ٿرو فارورڊ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ترجيحي منصوبن کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته دير نه صرف لاڳت ۾ واڌ ڪري ٿي پر انفراسٽرڪچر جي اقتصادي فائدن، توانائيءَ جي بهتر دستيابي، صنعتي پيداواري صلاحيت ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي متاثر ڪري ٿي. اجلاس دوران پاور سيڪٽر جي جن اهم منصوبن جو جائزو ورتو ويو انهن ۾ ڄامشورو ۾ 660 ايم ڊبليو ايڪس-2 جو ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽ 177 بلين رپيا، پاور ڊسٽري بيوشن انهانسمينٽ انويسٽمينٽ پروگرام (ٽرانچي ون) ايڊوانسڊ ميٽرنگ انفراسٽرڪچر پروجيڪٽ 16.9 بلين رپيا بجلي جي ورڇيندڙ جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جو پروجيڪٽ (MEPCO’s1) 8.1 بلين رپيا، 500 ڪي وي مٽياري مورو رحيم يار خان ٽرانسميشن لائين 188.5 بلين رپيا ۽ بجلي تقسيم ڪندڙ جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جو ٻيو منصوبو جنهن جي لاڳت 11.7 بلين رپيا آهي شامل آهن. ان موقعي تي هائيڊل ۽ ٽرانسميشن بابت وڏا منصوبا به بحث هيٺ آيا، جن ۾ داسو ٽرانسميشن لائينز، غازي بروٿا هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، نيشنل پاور ڪنٽرول سينٽر ۾ اين ٽي ڊي سي جي ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ ايس سي اي ڊي اي سسٽم جي اپ گريڊيشن ۽ توسيع ۽ 2160MW داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ مان بجلي جي نيڪالي شامل آهن. وفاقي وزير رٿابندي، ناڻي ۽ اي اي ڊي، پاور ۽ پاڻي وسيلن واري وزارت جي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته هو گڏيل طور تي رڪاوٽن جي نشاندهي ڪن، توڙي جو هو مالي، فني يا انتظامي هجن، انهن کي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مربوط حڪمت عمليءَ ذريعي تيزيءَ سان حل ڪن. هن چيو ته هڪ نظم و ضبط وارو 3 سالن جو رولنگ پلان حڪومت کي نامڪمل منصوبن ۾ واڌ، مالي دٻاءُ تي ضابطو آڻڻ ۽ توانائيءَ جي تحفظ اقتصادي ترقيءَ ۾ واضح بهتريءَ لاءِ عوامي سيڙپڪاريءَ کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. اجلاس جي پڄاڻي ايندڙ 3 سالن لاءِ ترجيحي لحاظ کان اهم منصوبن جي فهرست کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ لاءِ گهربل گهٽ ۾ گهٽ سالياني پي ايس ڊي پي ضرورتن تي ڪم ڪرڻ جي هدايت سان ٿي.










