اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي باجوڙ جي علائقي ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ميجر عديل زمان کي زبردست لفظن ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير شهيد جي جرئت کي ساراهيندي چيو ته ميجر عديل زمان انتهائي دليريءَ سان ڪارروائي ڪندي 5 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. هن چيو ته شهيد …
وفاقي وزير محسن نقوي پاران شهادت ماڻيندڙ ميجر عديل زمان کي خراجِ عقيدت

مزید خبریں
اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي باجوڙ جي علائقي ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ميجر عديل زمان کي زبردست لفظن ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير شهيد جي جرئت کي ساراهيندي چيو ته ميجر عديل زمان انتهائي دليريءَ سان ڪارروائي ڪندي 5 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. هن چيو ته شهيد ميجر پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي دشمن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ پنهنجي رت سان شجاعت ۽ جرئت جي هڪ نئين تاريخ لکي.










