اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته سال 2025ع ۾ پاڪستان اسلامي ماليات جي شعبي ۾ تاريخي ۽ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ 2 ٽريلين رپين کان وڌيڪ ماليت جا سڪوڪ جاري ڪيا ويا. ايڪس تي جاري پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سال 2025ع ۾ ناڻي واري وزارت پنهنجي ڊبيٽ مئنجمينٽ آفيس ۽ جوائنٽ فنانشل ايڊوائيزر جي تعاون سان …
سال 2025ع ۾ پاڪستان اسلامي ماليات جي شعبي ۾ تاريخي ۽ نمايان اڳڀرائي ڪئي: خرم شهزاد

مزید خبریں
اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته سال 2025ع ۾ پاڪستان اسلامي ماليات جي شعبي ۾ تاريخي ۽ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ 2 ٽريلين رپين کان وڌيڪ ماليت جا سڪوڪ جاري ڪيا ويا. ايڪس تي جاري پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سال 2025ع ۾ ناڻي واري وزارت پنهنجي ڊبيٽ مئنجمينٽ آفيس ۽ جوائنٽ فنانشل ايڊوائيزر جي تعاون سان 2 ٽريلين رپين کان وڌيڪ جا سڪوڪ جاري ڪيا جيڪي 2008ع کان پوءِ ڪنهن به هڪ ڪئلينڊر سال ۾ پاڪستان طرفان وڏا سڪوڪ آهن. هن چيو ته هي غير معمولي ڪاميابي پاڪستان جي اسلامي مالياتي نظام ۾ هڪ وڏو بريڪ ٿرو آهي ۽ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ملڪ اسلامي ڪيپيٽل مارڪيٽ کي مضبوط ۽ جدت وارو بڻائڻ طرف تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي. هن چيو ته هڪ، 3، 5 ۽ 10 سالن جي مُدت لاءِ 2 ٽريلين رپين کان وڌيڪ جا سڪوڪ جاري ڪيا ويا. خرم شهزاد چيو ته ڪئلينڊر سال دوران پاڪستان پنهنجو پهريون گرين سڪوڪ به ڪاميابيءَ سان لانچ ڪيو، جنهن کي سيڙپڪارن طرفان زبردست پذيرائي ملي ۽ هي 5.4 ڀيرا کان وڌيڪ سبسڪرائيب ٿيو. گرين سڪوڪ جي ڪيش فلو لاءِ پاڪستان ريلوي، ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي، پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي، پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جا اثاثا بنيادي طور استعمال ڪيا ويا. هن چيو ته انگ اکر ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته پاڪستان جي اسلامي ڪيپيٽل مارڪيٽ نه صرف وڌي رهي آهي پر ان ۾ گهرائي ۽ تسلسل به پيدا ٿي رهيو آهي. حڪومتي سيڪيورٽيز پورٽ فوليو ۾ شريعه ڪمپلائينٽ اوزارن جو حصو ڊسمبر 2025ع ۾ تقريبن 14.5 سيڪڙو هو، جڏهن ته جون 2025ع ۾ اهو شرح 12.6 سيڪڙو جي ويجهو هو. ناڻي واري وزارت 2028ع تائين ان شرح کي 20 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. جون 25ع کان ڊسمبر 25ع وچ ۾ شريعه ڪمپلائينٽ اوزارن جي حصي ۾ نمايان واڌ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ناڻي واري وزارت پنهنجا هدف تيزيءَ سان حاصل ڪرڻ طرف گامزن آهي. هيءَ اڳڀرائي حڪومتي اندرون قرضه جاتي پورٽ فوليو ۾ اسلامي مالياتي اوزارن جي وڌندڙ ڪردار کي واضح ڪري ٿو. هن چيو ته هي تاريخي سنگِ ميل نه صرف سيڙپڪارن جي مضبوط اعتماد جي عڪاسي ڪري رهيو آهي پر پاڪستان جي خودمختيار قرض جاتي انتظام کي به وڌيڪ مستحڪم بڻائي ٿو. هن چيو ته مستحڪم ٿيندڙ ڪلي معيشت جي صورتحال نظم و ضبط تي ٻَڌل قرضه جاتي حڪمت عملي ۽ اسلامي ماليات جي لاءِ واضح روڊ ميپ سان پاڪستان هڪ مضبوط جدت وارو ۽ مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ حڪومتي سيڪيورٽيز مارڪيٽ جي قيام لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.










