اسلام آباد- 29 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1495.61 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 173896.34 پوائنٽس تي بند ٿيو، جيڪو هڪ نئون رڪارڊ آهي. ڪاروباري سرگرمين جي شروعات تي ڪي ايس اي 100 انڊيڪس، هڪ لک 74 هزار پوائنٽس جي نفسياتي حد کي پار ڪري ورتي، جڏهن ته ڪاروبار جي پڄاڻي …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1495.61 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 173896.34 پوائنٽس تي بند ٿيو، جيڪو هڪ نئون رڪارڊ آهي. ڪاروباري سرگرمين جي شروعات تي ڪي ايس اي 100 انڊيڪس، هڪ لک 74 هزار پوائنٽس جي نفسياتي حد کي پار ڪري ورتي، جڏهن ته ڪاروبار جي پڄاڻي تي انڊيڪس ۾ گهٽتائي اچي وئي، گذريل ڏينهن 563 ڪمپينن جي 858.054 ملين شيئرز جي ليتي ڏيتي ٿي جنهن جي ماليت 42.86 ارب رپيا هئي، 177 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 272 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 114 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 10.40 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. گذريل ڏينهن ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام جي 52850161 شيئرز، دوست سٽيل لميٽيڊ 51360416 ۽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشنز جي 42555911 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. يوني ڪيپ مضاريه، ڪوائس فوڊ انڊسٽريز ۽ فوجي فوڊ لميٽيڊ سرفهرسٽ ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.










