ايس اي 100 انڊيڪس جو هڪ لک 74 هزار پوائنٽس عبور ڪرڻ تاريخي سنگِ ميل آهي: خرم شهزاد

اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته سال 2025ع پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ سيڙپڪارن لاءِ مسلسل فائديمند ۽ اعتماد وارو سال ثابت ٿيو آهي. ڪالهه ايڪس تي پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي بلنديءَ جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ ٻيو سنگِ ميل پار ڪيو آهي ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس جو …

اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته سال 2025ع پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ سيڙپڪارن لاءِ مسلسل فائديمند ۽ اعتماد وارو سال ثابت ٿيو آهي. ڪالهه ايڪس تي پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي بلنديءَ جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ ٻيو سنگِ ميل پار ڪيو آهي ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس جو هڪ لک 74400 پوائنٽس جي بلند ترين سطح پار ڪرڻ هڪ تاريخي ڪاميابي ۽ نئون رڪارڊ آهي. هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جنوري 2025ع کان هن وقت تائين آمريڪي ڊالر جي لحاظ کان 50 سيڪڙو منافعو فراهم ڪيو آهي. ان سنگِ ميل سبب پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ايشيا جي سڀ کان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ مارڪيٽس ۾ شامل ٿي چڪي آهي. خرم شهزاد چيو ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سال 2025ع سيڙپڪارن لاءِ مسلسل فائديمند ۽ اعتماد جو سال ثابت ٿيو ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن جي انگ ۾ غير معمولي واڌ ٿي آهي. هن چيو ته 18 مهينن ۾ 37 سيڪڙو واڌ سان هن وقت 4 لک 50 هزار کان وڌيڪ سيڙپڪار اسٽاڪ مارڪيٽ جو حصو بڻجي چڪا آهن. هن چيو ته ڪي ايس اي 100 انڊيڪس جو هڪ لک 74 هزار پوائنٽس پار ڪرڻ تاريخي سنگِ ميل آهي جيڪو حڪومت جي مؤثر معاشي پاليسين، مالي نظم و ضبط، جامع سڌارن ۽ معاشي استحڪام جي عڪاسي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جي تاريخ ۾ هي سنگِ ميل حڪومتي ڪارڪردگي، مؤثر سڌارن ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جو اظهار آهي.

مزید خبریں