اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي)نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪ جي مختلف حصن کي متاثر ڪندڙ اولهه جي هوائن جي سسٽم کي نظر ۾ رکندي موسمي ايڊوائيزري جاري ڪري ڇڏي. ڪالهه اين ڊي ايم اي جي اڳڪٿيءَ موجب اولهه جي هوائن جو سلسلو 29 ڊسمبر 2025ع جي رات کان ملڪ جي اوڀر وارن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ 30 …
اين ڊي ايم اي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪ جي مختلف حصن کي متاثر ڪندڙ اولهه جي هوائن جي سسٽم کي نظر ۾ رکندي موسمي ايڊوائيزري جاري ڪري ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي)نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪ جي مختلف حصن کي متاثر ڪندڙ اولهه جي هوائن جي سسٽم کي نظر ۾ رکندي موسمي ايڊوائيزري جاري ڪري ڇڏي. ڪالهه اين ڊي ايم اي جي اڳڪٿيءَ موجب اولهه جي هوائن جو سلسلو 29 ڊسمبر 2025ع جي رات کان ملڪ جي اوڀر وارن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ 30 ڊسمبر 2025ع کان ان ۾ شدت اچي سگهي ٿي. هي موسمياتي نظام 31 ڊسمبر تي ملڪ جي اڪثر مٿانهين وارن علائقن ۽ وچ وارن علائقن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندو ۽ مٿانهين وارن علائقن ۾ 2 جنوري 2026ع جي صبح تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي. هن موسمي نظام جي اثر هيٺ ناران، ڪاغان، دير، سوات، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، شانگله، استور، هنزه، اسڪردو، مري، گليات، نيلم وادي، باغ، پونچ ۽ حويليءَ ۾ 30 ڊسمبر جي رات کان 2 جنوري جي صبح تائين برفباريءَ سبب روڊن جي بندش جو خدشو آهي، ان دوران ڪي پي ڪي جي مٿانهن وارن علائقن گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ برفاني ڇپون ڪِرڻ جو امڪان آهي. سياحن کي هدايت ڪئي وئي ته اهي احتياطي تدبيرون اختيار ڪن ۽ حساس بلند جابلو علائقن ۾ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن. ٻئي طرف ان برسات جي سلسلي دوران وچ ۽ ڏکڻ پنجاب سنڌ جي مٿاهين وارن علائقن ۾ ڌنڌ جي شدت ۾ گهٽتائي متوقع آهي. متوقع صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورن لاڳاپيل صوبائي ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽيز (پي ڊي ايم ايز)، گلگت بلتستان ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، اسٽيٽ ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي ۽ آءِ سي ٽي انتظاميه کي ضروري ۽ وقت سر ردِعمل جي سمورن قدمن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. لاڳاپيل ادارن کي چؤڪس رهڻ، وقت سر معلومات جي رسد، هنگامي ردِعمل، ٽيمن کي الرٽ رکڻ ۽ انساني جانين، ملڪيتن ۽ اهم انفراسٽرڪچر کي امڪاني نقصان کان بچائڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻڻ تي زور ڀريو ويو آهي.










