اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي)فيڊرل انويسٽيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) سال 2025ع دوران سڄي ملڪ مان حواله، هنڊي ۽ غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث ڌُرين خلاف وڏي پيماني تي آپريشنز ڪيا. ايف آءِ اي جي ترجمان موجب ڊائريڪٽر جنرل رفعت مختار راجا جي خاص هدايتن تي سال 2025ع دوران سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور 523 ڪامياب ڇاپا مار ڪارروايون ڪيون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ 546 ڪيس داخل …
ايف آءِ اي جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ، حواله هنڊي ۽ غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ هڪ ارب 99 ڪروڙ رپيا هٿ

مزید خبریں
اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي)فيڊرل انويسٽيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) سال 2025ع دوران سڄي ملڪ مان حواله، هنڊي ۽ غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث ڌُرين خلاف وڏي پيماني تي آپريشنز ڪيا. ايف آءِ اي جي ترجمان موجب ڊائريڪٽر جنرل رفعت مختار راجا جي خاص هدايتن تي سال 2025ع دوران سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور 523 ڪامياب ڇاپا مار ڪارروايون ڪيون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ 546 ڪيس داخل ڪري 647 ملزمن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 174 اهم انڪوائرين جي جاچ به مڪمل ڪئي وئي. رپورٽ موجب ان ڪاررواين دوران وڏي مقدار ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي جنهن جي مجموعي ماليت هڪ ارب 99 ڪروڙ کان وڌيڪ بڻجي ٿي. هٿ ڪيل رقم ۾ هڪ ارب 45 ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني رپيا، 7 لک 77 هزار کان وڌيڪ آمريڪي ڊالر ۽ 32 ڪروڙ رپين جي ٻي غير ملڪي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي. عملدارن جو چوڻ آهي ته اها سموري رقم غير قانوني طور ذخيرو ڪئي وئي ۽ کين بنا لائسنس جي مٽاسٽا لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو، جنهن جي ڏوهه ۾ ڪيترن ئي دڪانن، پلازائن ۽ مارڪيٽن کي به سِيل ڪيو ويو. زونل سطح تي ٿيل گرفتارين جي تفصيل ٻُڌائيندي ترجمان ٻُڌايو ته پشاور زون 199 گرفتارين سان سرِفهرست رهيو، جڏهن ته بلوچستان زون مان 120، ڪراچي زون مان 101 ۽ ملتان زون مان 70 ملزمن کي حراست ۾ ورتو ويو. ان کان علاوه ڪوهاٽ مان 63، لاهور مان 58، اسلام آباد مان 22، فيصل آباد مان 15 ۽ حيدرآباد زون مان 14 ملزم گرفتار ڪيا ويا.










