اسلام آباد- 29 ڊسمبر (اي پي پي) سال 2025ع دوران ملڪي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ مجموعي طور تي 4.614 ارب ڊالر جو نمايان اضافو ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ طرفان دستياب انگن اکرن مطابق گذريل سال جي پڄاڻي تي ملڪي مٽا سٽا وارن ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 16.409 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽا سٽا وارن ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 11.711 …
ملڪي مٽا سٽا وارن ناڻي جا ذخيرا 4.614 ارب ڊالر جي واڌ سان 21.023 ارب ڊالر ٿي ويا

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 ڊسمبر (اي پي پي) سال 2025ع دوران ملڪي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ مجموعي طور تي 4.614 ارب ڊالر جو نمايان اضافو ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ طرفان دستياب انگن اکرن مطابق گذريل سال جي پڄاڻي تي ملڪي مٽا سٽا وارن ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 16.409 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽا سٽا وارن ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 11.711 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ مٽا سٽا وارن ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 4.698 ارب ڊالر هو، 19 ڊسمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪي مٽا سٽا وارن ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 21.023 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. انگن اکرن مطابق سال 2025ع دوران اسٽيٽ بئنڪ جي ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ مجموعي طور تي 4.192 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن جي مٽا سٽا وارن ناڻي جي ذخيرن ۾ 422 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو آهي.










