لاهور- 29 ڊسمبر (اي پي پي) لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جون چونڊون 28 فيبروري تي ٿينديون، جيڪي بائيو ميٽرڪ سسٽم تحت ڪرايون وينديون. لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي سيڪريٽري موجب صرف اُهي وڪيل ووٽ ڏيندا جيڪي اهل هوندا جن جي بائيو ميٽرڪ رجسٽريشن مڪمل هوندي، جنهن جي آخري تاريخ 31 ڊسمبر مقرر ڪئي وئي آهي. رجسٽريشن لاءِ وڪيلن وٽ صرف 2 ڏينهن باقي آهن، ان بابت وڪيلن کي اصل …
لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جون چونڊون 28 فيبروري تي بائيو ميٽرڪ سسٽم تحت ٿينديون: سيڪريٽري بار

مزید خبریں
لاهور- 29 ڊسمبر (اي پي پي) لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جون چونڊون 28 فيبروري تي ٿينديون، جيڪي بائيو ميٽرڪ سسٽم تحت ڪرايون وينديون. لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي سيڪريٽري موجب صرف اُهي وڪيل ووٽ ڏيندا جيڪي اهل هوندا جن جي بائيو ميٽرڪ رجسٽريشن مڪمل هوندي، جنهن جي آخري تاريخ 31 ڊسمبر مقرر ڪئي وئي آهي. رجسٽريشن لاءِ وڪيلن وٽ صرف 2 ڏينهن باقي آهن، ان بابت وڪيلن کي اصل سڃاڻپ ڪارڊ سان گڏ ايڊمن آفيس سان رجوع ڪرڻو پوندو. لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي سيڪريٽري، سمورن وڪيلن کي هدايت ڪئي آهي ته هو مقرر تاريخ تائين بائيو ميٽرڪ سسٽم ۾ پنهنجي رجسٽريشن مڪمل ڪرائين، ٻي صورت ۾ انهن کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.










