ايران، اولھه پاران چڙ ڏيارڻ جي جواب ۾ تحمل جو مظاھرو ڪري رھيو آھي: روس

ماسڪو-29 ڊسمبر (اي پي پي) روس چيو آھي ته ايران، اولھه جي سمورن چڙ ڏياڍريندڙن جي جواب ۾ انتھائي درجي جي تحمل جو مظاھرو ۽ ڳالھيون لاءِ راضپو ظاھر ڪري رھيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه روس جي پرڏيھي وزير سرگئي لاوروف تاس کي ڏنل ھڪ انٽرويو دوران چئي. ھن 2025ع جي نتيجن بابت ڳالھائيندي چيو ته ايرانين انتھائي درجي جي تحمل جو مظاھرو ڪيو آھي ۽ اولھه طرفان …

ماسڪو-29 ڊسمبر (اي پي پي) روس چيو آھي ته ايران، اولھه جي سمورن چڙ ڏياڍريندڙن جي جواب ۾ انتھائي درجي جي تحمل جو مظاھرو ۽ ڳالھيون لاءِ راضپو ظاھر ڪري رھيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه روس جي پرڏيھي وزير سرگئي لاوروف تاس کي ڏنل ھڪ انٽرويو دوران چئي. ھن 2025ع جي نتيجن بابت ڳالھائيندي چيو ته ايرانين انتھائي درجي جي تحمل جو مظاھرو ڪيو آھي ۽ اولھه طرفان سمورن چڙ ڏياريندڙ ۽ بليڪ ميلنگ جي جواب ۾ ڳالھين لاءِ راضپو ظاھر ڪيو آھي، ته جئين موجوده اختلافن جي سياسي حل جا رستا ڳولهي سگھجن. روس جي پرڏيھي وزير يورپي اڳواڻن تي الزام لڳايو ته ھو سندن ملڪ ۽ يوڪرين وچ ۾ امن جي راھه ۾ بنيادي رڪاوٽ بڻجي رھيا آھن. ھن چيو ته آمريڪا ۾ انتظاميا جي تبديلي کانپوءِ يورپ ۽ يورپي يونين امن جي راھه ۾ بنيادي رڪاوٽ بڻجي چڪا آھن. واضح رھي ته عمان جي سلطنت جي ٽياڪڙي ۾ نيو ڪليئر معاملي جي حوالي سان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالھين جو پنجون دور ٿيو ھو پر ھو ڪنھن نتيجي تي پھچڻ بنا ختم ٿي ويو. ايراني وفد ڳالھين جي ڇھين دور جي تياري ڪري رھيو ھو ته اسرائيل ايران خلاف فوجي ڪارروائي ڪري ڇڏي. آمريڪي فوج به ايران جي مشھور ايٽمي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ھئا. ان کانپوءِ ايران عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي سان پنھنجو سھڪار روڪي ڇڏيو. يورپي ٽرائيڪا سنيپ بيڪ ميڪانزم يا جنھن کي ٽريگر ميڪانزم چيو ويندو آھي، ان کي فعال ڪيو ويو ته جيئن سلامتي ڪائونسل ايران تي گڏيل قومن جون پابنديون ٻيھر لاڳو ڪري ڇڏي. انھن قدمن کي روس ۽ چين ٻنھي غير منصفاڻو قرار ڏنوآھي.

مزید خبریں