اسلام آباد-28 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد پاڪستان جو پهريون ڪيپيٽل سمارٽ سٽي بڻجندو، ڪيپيٽل سمارٽ سٽي جي اسڪوپ ۽ دائريڪار کي سڄي ملڪ تائين وڌايو ويندو، پهرين جنوري کان اسلام آباد جي بنا ايم ٽيگ جي گاڏين جي داخلا تي پابندي هوندي. هتي جاري بيان مطابق گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري سيف سٽي هيڊڪوارٽرز جو دورو …
اسلام آباد پاڪستان جو پهريون ڪيپيٽل سمارٽ سٽي بڻجندو: محسن نقوي

مزید خبریں
اسلام آباد-28 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد پاڪستان جو پهريون ڪيپيٽل سمارٽ سٽي بڻجندو، ڪيپيٽل سمارٽ سٽي جي اسڪوپ ۽ دائريڪار کي سڄي ملڪ تائين وڌايو ويندو، پهرين جنوري کان اسلام آباد جي بنا ايم ٽيگ جي گاڏين جي داخلا تي پابندي هوندي. هتي جاري بيان مطابق گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري سيف سٽي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي ڊجيٽل وال تي اسلام آباد شهر جي مانيٽرنگ جي نظام جو جائزو ورتو. گهرو وزير اسلام آباد سيف سٽي کي ڪيپيٽل سمارٽ سٽي بنائڻ جو جامع پلان طلب ڪري ورتو. گهرو وزير جديد ٽيڪنالاجي ذريعي امن امان جي قدمن جو مشاهدو ڪيو. گهرو وزير ڪنٽرول روم ۾ اسپيشل چائنيز ڊيسڪ تي سيڪيورٽي سرويلنس جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ سيف سٽي هيڊڪوارٽرز ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ گهرو وزير شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ جي قدمن جو جائزو ورتو ۽ ڪيپيٽل سمارٽ سٽي تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. محسن نقوي چيو ته ڪيپيٽل سمارٽ سٽي ۾ شهري سهولتن جهڙوڪ 1122، ٽريفڪ، سيڪيورٽي ۽ سي ڊي ايم اي کي مرڪزي نظام ۾ ضم ڪيو ويندو، ڪيپيٽل سمارٽ سٽي جي اسڪوپ ۽ دائريڪار کي سڄي ملڪ تائين وڌايو ويندو. اسلام آباد کي محفوظ شهر بنائڻ لاءِ ڪيپيٽل سمارٽ سٽي منصوبي کي ماڊل طور اختيار ڪيو ويندو، سيف سٽي ۾ سڌارن ۽ ٽيڪنالاجي جو اثرائتو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي. ان موقعي تي اسلام آباد پوليس جي آءِ جي سيف سٽي کان ڪيپيٽل سمارٽ سٽي منتقلي بابت معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، محرم الحرام ۾ سيف سٽي ڪيميرائن جي مدد سان وقت ۽ وسيلن جي بچت ٿي. ان موقعي تي گهرو معاملن وارو وفاقي سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا.










