نيويارڪ -28 ڊسمبر (اي پي پي)آمريڪا جي اتر اوڀر رياستن ۽ گريٽ ليڪس جي علائقن ۾ شديد برفاني طوفان سبب 1500 کان وڌيڪ اڏامون راد ڪيون ويون آهن جڏهن ته رستن تي ڪيترائي انچ برف جا تهه ڄمي ويا آهن ۽ زندگي جو نظام سخت متاثر ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نيويارڪ سٽي جي سينٽرل پارڪ ۾ 4.3 انچ برف رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا جنوري 2022ع کان پوءِ سڀ کان …
آمريڪا جي اتر اوڀر رياستن ۽ گريٽ ليڪس جي علائقن ۾ شديد برفاني طوفان، 1500 کان وڌيڪ اڏامون رد

مزید خبریں
نيويارڪ -28 ڊسمبر (اي پي پي)آمريڪا جي اتر اوڀر رياستن ۽ گريٽ ليڪس جي علائقن ۾ شديد برفاني طوفان سبب 1500 کان وڌيڪ اڏامون راد ڪيون ويون آهن جڏهن ته رستن تي ڪيترائي انچ برف جا تهه ڄمي ويا آهن ۽ زندگي جو نظام سخت متاثر ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نيويارڪ سٽي جي سينٽرل پارڪ ۾ 4.3 انچ برف رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا جنوري 2022ع کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ آهي. برفباري سبب نيو جرسي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. نيويارڪ جي گورنر به هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.











