رياض -28 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانونن جون وڌيڪ 18 هزار 877 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 13 هزار 241 غيرقانوني پناهگيرن کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 18 کان 24 ڊسمبر تائين مجموعي طور 11 هزار 991 ماڻهن کي اقامه قانون، 3 هزار 808 کي غيرقانوني طور سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ۽ …
سعودي عرب ۾ اقامه ۽ ليبر قانون تحت 18 هزار کان وڌيڪ ڀڃڪڙيون رڪارڊ، 13 هزار 241 غيرقانوني پناهگير بي دخل

مزید خبریں
رياض -28 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانونن جون وڌيڪ 18 هزار 877 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 13 هزار 241 غيرقانوني پناهگيرن کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 18 کان 24 ڊسمبر تائين مجموعي طور 11 هزار 991 ماڻهن کي اقامه قانون، 3 هزار 808 کي غيرقانوني طور سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ۽ 3 هزار 78 مانحن کي پورهئي واري قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي گرفتار ڪيو ويو. غيرقانوني طور ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي هڪ هزار 312 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ 55 سيڪڙو ايٿوپين، 44 سيڪڙو يمني ۽ هڪ سيڪڙو ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ هئا. ان کان علاوه 46 اهڙا ماڻهو به پڪڙيا ويا جيڪي ملڪي سرحد پار ڪري پاڙيسري ملڪن ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.











