شهيد بينظير ڀٽو هر ان آواز ۾  زنده آهي: آصفه ڀٽو زرداري

اسلام آباد -27 ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول، ايم اين اي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي، ته شهيد بينظير ڀٽو هر ان آواز ۾ زنده آهي، جيڪو ناانصافي آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪري ٿو. شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏهاڙي تي ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ آصفه ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جرئتمنداڻي قيادت ڪئي، سندس قوت هر ان آواز …

اسلام آباد -27 ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول، ايم اين اي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي، ته شهيد بينظير ڀٽو هر ان آواز ۾ زنده آهي، جيڪو ناانصافي آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪري ٿو. شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏهاڙي تي ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ آصفه ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جرئتمنداڻي قيادت ڪئي، سندس قوت هر ان آواز ۾  زنده آهي، جيڪو ناانصافي  آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪري ٿو. هن شهيد بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته اسان پنهنجي جدوجهد جي هر مرحلي تي ۽ هر ڪاميابي جي موقعي تي کيس ياد ڪندا آهيون، اسان شهيد بينظير ڀٽو جي کوٽ هر گهڙي محسوس ڪيون ٿا ۽ سندس لاءِ دعاڳو رهنداسين. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اسان شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن ۽ قدرن جي تڪميل لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين.  هن چيو ته بينظير ڀٽو شهيد جو وڇوڙي سان رهنمائي جو اهو خال پيدا  ٿيو آهي، جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهجي.

مزید خبریں