اسرائيل پاران ڪيل اعلان صوماليه جي خودمختياري جي سخت ڀڃڪڙي آهي:نار تعاون ڪائونسل

رياض -27 ڊسمبر (اي پي پي) نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) اسرائيل جي قابض فوج پاران نام نهاد صومالي لينڊ واري اعتراف جي اعلان جي سخت مذمت ڪندي ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل  جاسم البديوي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي، ته اهي قدم عالمي قانون جي اصولن ۽ وفاقي جمهوريه صوماليه جي خودمختياري ۽ ان جي علائقائي سلامتي جون سخت …

رياض -27 ڊسمبر (اي پي پي) نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) اسرائيل جي قابض فوج پاران نام نهاد صومالي لينڊ واري اعتراف جي اعلان جي سخت مذمت ڪندي ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل  جاسم البديوي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي، ته اهي قدم عالمي قانون جي اصولن ۽ وفاقي جمهوريه صوماليه جي خودمختياري ۽ ان جي علائقائي سلامتي جون سخت ڀڃڪڙيون آهن.  ان کي نظر ۾ رکندي هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهو اعتراف هڪ خطرناڪ مثال آهي، جيڪو هارن آف آفريقا جي خطي ۾ استحڪام کي ڪمزور ڪندو ۽ وڌيڪ ڇڪتاڻ ۽ تڪرارن جا  دروازا کوليندو. اهي خطي ۾ عالمي سلامتي ۽ امن کي هٿي ڏيڻ جي علائقائي ۽ عالمي ڪوششن جي انڪاري آهي. جاسم البديوي نار سهڪار ڪائونسل جي وزارتي  ڪائونسل جي 164هين اجلاس مان جاري ڪيل پڌرائي جي توثيق ڪئي جنهن ۾ هن وفاقي جمهوريه صوماليه سان سندس سلامتي، استحڪام، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي حمايت واري عزم جو ورجاءُ ڪيو.  هن چيو ته عالمي برادري  ڪنهن به اهڙي سبب يا قدم کي تسليم نه ڪري جيڪو رياستن جي سلامتي کي غير مستحڪم ڪرڻ يا انهن جي قومي وحدت کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجي.

مزید خبریں