آمريڪي نمائندي سان روس ۽ يوڪرين جنگ جي خاتمي بابت سٺيون ڳالھيون ٿيون: يوڪرين جو صدر

ڪيف - 26 ڊسمبر (اي پي پي)يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آھي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خصوصي نمائندي اسٽيووٽڪوف ۽ جيريڊ ڪشنر سان منهنجون روس - يوڪرين جنگ جي خاتمي جي حوالي سان سٺيون ڳالھيون ٿيون آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن گذريل ڏينھن سوشل ميڊيا تي پنھنجي پوسٽ ۾ چيو ته اسان بنيادي نوعيت جي معاملن تي تفصيلي ڳالھين جي ڏي وٺ ڪئي آھي، اھڙا سٺا تصور …

ڪيف – 26 ڊسمبر (اي پي پي)يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آھي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خصوصي نمائندي اسٽيووٽڪوف ۽ جيريڊ ڪشنر سان منهنجون روس – يوڪرين جنگ جي خاتمي جي حوالي سان سٺيون ڳالھيون ٿيون آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن گذريل ڏينھن سوشل ميڊيا تي پنھنجي پوسٽ ۾ چيو ته اسان بنيادي نوعيت جي معاملن تي تفصيلي ڳالھين جي ڏي وٺ ڪئي آھي، اھڙا سٺا تصور سامھون آيا آھن جيڪي گڏيل حل ۽ پائيدار امن ڏانھن کڻي وڃڻ جو سبب بڻجي سگھن ٿا. ھن ٻنھي آمريڪي نمائندن جو شڪريو ادا ڪيو. يوڪرين جي صدر چيو ته اسان حقيقي معنيٰ تي روز ان تي 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رھيا آھيون. يوڪرين جنگ جو جلد خاتمو ٿئي ته جيئن حقيقت پسندي جي سوچ سان، دستاويزن جي مدد تحت اثرائتن پائيدار نتيجن لاءِ اڳتي وڌي سگھجي.

مزید خبریں