اڄ اسان باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جو پيدائش جو ڏهاڙو ملهائڻ سان گڏوگڏ پنهنجي مسيحي ساٿين جي تهوار – ڪرسمس جون تقريبون پڻ ملهائي رهيا آهيون: اسحاق ڊار

اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش جي ڏهاڙي ۽ ڪرسمس 2025ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ اسان باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جو پيدائش جو ڏهاڙو ملهائڻ سان گڏوگڏ پنهنجي مسيحي ساٿين جي تهوار – ڪرسمس جون تقريبون پڻ ملهائي رهيا آهيون. هي گڏيل موقعو ان جامع …

اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش جي ڏهاڙي ۽ ڪرسمس 2025ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ اسان باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جو پيدائش جو ڏهاڙو ملهائڻ سان گڏوگڏ پنهنجي مسيحي ساٿين جي تهوار – ڪرسمس جون تقريبون پڻ ملهائي رهيا آهيون. هي گڏيل موقعو ان جامع ويزن ۽ اخلاقي بنيادن جي عڪاسي ڪري ٿو جن تي پاڪستان قائم ٿيو هو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پنهنجي پيغام ۾ چيو ته قائداعظم محمد علي جناح نه رڳو اسان جي آزادي جو معمار هو پر اڻٿڪ اصولن ۽ غيرمعمولي بصيرت رکندڙ هڪ عظيم مدبر هو. هن پاڪستان کي هڪ اهڙي جمهوري رياست جي طور تي ڏٺو جتي برابري ۽ سمورن شهرين جي بنيادي حقن جو احترام مذهب، رنگ ۽ نسل جي بنا ڪنهن فرق جي هجي. 11 آگسٽ 1947ع جي پنهنجي تاريخي تقرير ۾ هن واضح طور تي فرمايو ته رياست ڪنهن شهري جي وچ ۾ ڪو فرق نه رکندي. اقليتن جي حقن، برابري ۽ مذهبي آزادي جو تحفظ اسان جي آئين ۽ قومي تشخص جو بنيادي ٿنڀ آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزي چيو ته آئون اڄ جي ڏينهن جي مناسبت سان مسيحي هم وطنن کي ڪرسمس جي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ مذهبي آزادي ۽ برابري جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، جيڪو اسان جي پاڪستان جي بانين جو تصور هو ۽ جيڪو اسان جي آئين ۾ پڻ جهلڪي ٿو. هن چيو ته اسان جي مسيحي ساٿين تعليم، صحت، عوامي خدمت ۽ قومي دفاع جي شعبن ۾ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ سدائين خلوص، حب الوطني ۽ وقار سان ملڪ جي خدمت ڪئي آهي. ڪرسمس امن، همدرديءَ، قرباني ۽ انسانيت سان محبت جهڙي آفاقي قدرن جي علامت آهي. اهي سمورا قدر اسلامي تعليم ۽ قائداعظم جي پاڪستان جي تصور سان مڪمل آهم اهنگ آهن. نائب وزيراعطم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته اڄ جڏهن دنيا کي عدم برداشت ۽ ورڇ جهڙا چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. اسان جو ڀائيچارو اسان جي طاقت ۽ فخر جو سبب آهي. هن چيو ته اڄ قائداعظم جي ورثي کي خراج عقيدت پيش ڪندي ۽ ڪرسمس جون خوشيون ملهائيندي، اچو اسان امن، خيرسگالي ۽ گڏيل احترام جي ان پيغام کي سدائين جي لاءِ اڳتي وڌايون. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته آئون آخر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سڄي دنيا جي سموري مسيحي برادري کي ڪرسمس جي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ قائداعظم محمد علي جناح کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو. پاڪستان زندهه آباد.