اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقي قلات ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان جي خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جي ڪاميابي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪارروائي ۾ ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشگردن جو خاتمو امن ۽ استحڪام جي دشمنن کي واضح پيغام آهي. هن پاڪستان جي …
صدر آصف علي زرداري پاران بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي خلاف آپريشن جي ڪاميابي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقي قلات ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان جي خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جي ڪاميابي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪارروائي ۾ ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشگردن جو خاتمو امن ۽ استحڪام جي دشمنن کي واضح پيغام آهي. هن پاڪستان جي حفاظت ۽ عوام جي سلامتي جي دفاع ۾ سيڪيورٽي ادارن جي بي مثال جرئت ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو.












