اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا ڊويزن اسلام آباد جي حدن ۾ 26 ڊسمبر 2025ع تي موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي حدن ۾ موجود پاڪستان سيڪريٽريٽ ۽ سمورا وفاقي ادارا 26 ڊسمبر جمعي ڏينهن بند رهندا. نوٽيفڪيشن موجب اسپتالون، بئنڪون، ضروري سروسز جون آفيسون، ميٽرو پوليٽين ڪارپوريشن اسلام آباد، سي ڊي اي، اسلام آباد انتظاميا، پوليس، آئيسڪو ۽ سوئي نادرن گئس جون …
ڪابينا ڊويزن پاران اسلام آباد جي حدن ۾ 26 ڊسمبر 2025ع تي موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا ڊويزن اسلام آباد جي حدن ۾ 26 ڊسمبر 2025ع تي موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي حدن ۾ موجود پاڪستان سيڪريٽريٽ ۽ سمورا وفاقي ادارا 26 ڊسمبر جمعي ڏينهن بند رهندا. نوٽيفڪيشن موجب اسپتالون، بئنڪون، ضروري سروسز جون آفيسون، ميٽرو پوليٽين ڪارپوريشن اسلام آباد، سي ڊي اي، اسلام آباد انتظاميا، پوليس، آئيسڪو ۽ سوئي نادرن گئس جون آفيسون کليل رهنديون. ڪابينا ڊويزن جو 24 ڊسمبر جو نوٽيفڪيشن رد ڪيو ويو.












