فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي راولپنڊي جي ڪرائسٽ چرچ ۾ ڪرسمس جي تقريبن ۾ شرڪت

راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشانِ امتياز (ملٽري)، هلال جرئت گذريل ڏينهن راولپنڊي جي ڪرائسٽ چرچ ۾ ڪرسمس جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان خوشي جي موقعي تي مسيحي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون ۽ امن، هم آهنگي ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. …

راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشانِ امتياز (ملٽري)، هلال جرئت گذريل ڏينهن راولپنڊي جي ڪرائسٽ چرچ ۾ ڪرسمس جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان خوشي جي موقعي تي مسيحي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون ۽ امن، هم آهنگي ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي(آءِ ايس پي آر) موجب پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪندي فيلڊ مارشل برابري، آزادي ۽ مذهبي رواداري جي قائداعظم جي ويزن کي اجاگر ڪيو ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ کي پاڪستان جي نظريي جو بنيادي جز قرار ڏنو. ميڙاڪي ۾ ڳالهائيندي فيلڊ مارشل قومي ترقي ۽ سلامتي لاءِ پاڪستاني مسيحي برادري جي پائيدار خدمتن کي ساراهيو جن ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج ۾ نسل در نسل سندن فڪر جوڳيون ۽ نمايان خدمتون شامل آهن.هن بين المذاهب هم آهنگي، گڏيل احترام ۽ اتحاد جي اهميت تي زور ڀريو ۽ چيو ته پاڪستان جي طاقت برابر موقعن، مذهب، نسل، ذات ۽ عقيدي کان مٿانهون ٿي ڪري گڏيل آئيني قدرن ۾ لڪل آهي. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس اسٽاف پاڪستان جي آئين ۾ لکيل سمورن شهرين جي وقار، تحفظ ۽ هڪجهڙن حقن جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، مسيحي برادري جي اڳواڻن فيلڊ مارشل جي دوري تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ملڪ جي دفاع، شموليت، مذهبي هم آهنگي ۽ قومي اتحاد کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو.