يوم قائد تي آءِ ايس پي آر پاران نئون قومي گيت، پيغامِ قائد جاري

راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) يوم قائد تي آءِ ايس پي آر نئون قومي گيت پيغامِ قائد جاري ڪيو آهي. قومي گيت قائد اعظم جي فرمانن ۽ قيام پاڪستان خاطر ڏنل قربانين ۽ تاريخي جدوجهد جي عڪاسي ڪري ٿو. قومي گيت دشمنن جي ارادن خلاف قومي استقامت ۽ عزم کي اجاگر ڪري ٿو. نغمي ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي قائداڻين صلاحيتن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ويو آهي. …

راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) يوم قائد تي آءِ ايس پي آر نئون قومي گيت پيغامِ قائد جاري ڪيو آهي. قومي گيت قائد اعظم جي فرمانن ۽ قيام پاڪستان خاطر ڏنل قربانين ۽ تاريخي جدوجهد جي عڪاسي ڪري ٿو. قومي گيت دشمنن جي ارادن خلاف قومي استقامت ۽ عزم کي اجاگر ڪري ٿو. نغمي ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي قائداڻين صلاحيتن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ويو آهي. قومي گيت قائداعظم جي فڪرن جي تجديد ۽ پاڪستان جي محفوظ ۽ باوقار مستقبل جو مظهر آهي. يوم قائد جي موقعي تي جاري ڪيل قومي گيت باباءِ قوم سان قوم جي والهاڻي محبت جي عڪاسي ڪري ٿو.